اسلام آباد-19 آگسٽ (اي پي پي) وفاقي حڪومت صوبائي حڪومتن ۽ نجي ??دارن جي ??عاون سان سڄي ملڪ ۾ 250 کان وڌيڪ اي روزگار مرڪز قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. آءِ ٽي واري وزارت جي هڪ عملدار موجب انهن مرڪزن جو مقصد ننڍن شهرن ۾ محنتي ۽ هنرمند نو??وا??ن کي ضروري س??ولتون فراهم ڪرڻ آهي ته جيئن کين ڊجيٽل موقعن تائين رسائي حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملي. اي روزگار مرڪز ملڪ جي هر ضلعي ۾ قائم ڪيا ويندا. انهن مرڪرزن جي ورهاست هر صوبي جي ??بادي سان گڏوگڏ اگنائيٽ سان رجسٽرڊ 12 لک فري لانسرز جي ??نگن اکرن تي ٻ??ل آهي. پنجاب 149 مرڪزن سان اڳ??ان اڳ??ان آهي. ان کانپوءِ سنڌ 51، خيبرپختونخوا 28، وفاقي گادي واري هنڌ اسلام آباد ۾ 11، بلوچستان ۾ 6، آزاد ڪشمير ۾ 3، گلگت بلتستان ۾ 2 مرڪز قائم ڪيا ويندا. وزيراعظم محمد شهباز شريف طرفان پنجاب ۾ شروع ڪيل اي روزگار سينٽر انتهائي ڪامياب ثابت ٿيا جنهن مان لکين نو??وا?? لاڀ پرائي رهيا آهن، اهي مرڪز خاص طور تي انهن ماڻهن لاءِ ڊزائين ڪيا ويا آهن جيڪي مهانگين آفيسن جو خرچ برداشت نٿا ڪري سگهن، جيڪي کين آءِ ٽي مهارتن مان فائدو کڻڻ ۽ ڊجيٽل افرادي قوت ۾ شامل ٿيڻ جو موقعو فراهم ڪن ٿا. اميد آهي ته انهن قدمن سان وڌيڪ نو??وا??ن کي تيزي سان ترقي ملندي ۽ آءِ ٽي جي ??عبي مان فائدو کڻڻ جي قابل بڻجي ??گهندا.