اسلام آب??د- 22 آگسٽ (اي پي پي) رٿابندي واري وفاقي وزير ا??سن اقبال جي صدارت هيٺ ڪڇي ڪينال منصوبي بابت اجلاس منعقد ٿيو. بلوچستان جي وڏي وزير ??رف??از بگٽي، صوبائي وزيرن ۽ عملدارن وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي وفاقي وزير هدايت ڪئي ته ماهر ٻن مهينن اندر اندر ڪڇي ڪينال مان 400 کان 500 ڪيوسڪ پاڻي کڻي وڃڻ جو حل پيش ڪن. هن چيو ته ڪڇي ڪينال مان بلوچستان جي 7 لک 13 هزار ايڪڙ زمين آب??دي ٿيندي. مستقبل ۾ ٻوڏ واري صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ کان اڳ ڪڇي ڪينال کي بحال ڪرڻ ۽ 500 ڪيوسڪ پاڻي جو بحال ٿيڻ ضروري آهي، مقامي آب??دي کي جلد کان جلد پاڻي فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي. ا??سن اقبال چيو ته اسان کي پنهنجي ترقياتي بجيٽ ۾ فراهم ڪيل محدود وسيلن اندر رهندي ان جو حل ڪڍڻو آهي. پنجاب ۾ اربن ڪينال بهترين ڪم ڪري رهيو آهي،اسان کي پنجاب جي اربن ڪينال ماڊل کي اختيار ڪرڻ تي سوچڻ گهرجي. بلوچستان جي وڏي وزير ??رف??از بگٽي چيو ته ٻوڏ 2022ع سبب بلوچستان اربن ڪينال کي شديد نقصان پهتو، ڪڇي ڪينال جي بندش سبب ڪمانڊ ايريا ۾ پوکي بند ٿي چڪي آهي، مون کي پوري اميد آهي ته رٿابندي واري وزير جي نگراني هيٺ جلد کان جلد ڪينال ۾ پاڻي جي بحالي سميت مستقبل ۾ بهترين لائحه عمل جوڙيو ويندو.