اسلام آباد – 06 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته دفاع ۽ شهيدن جي ڏهاڙي جي موقعي تي اس??ن ٻاهرئين جارحيت جي خلاف ملڪ جو دفاع ڪرڻ ۽ عظيم قربانيون ڏيندڙ غازين ۽ شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪريون ??ا، هي ڏينهن اس??ن کي پنهنجي خودمختياري جي دفاع طرف پختي قومي عزم جي ياد ڏياري ٿو، ??ئون ??ن سرزمين جي انهن بهادر فرزندن کي خراج عقيدت پيش ڪريان ٿو جن پاڪستان کي نقصان پهچائڻ جو دشمن جو خواب ڀور ڀور ڪري ڇڏيو. دفاع ۽ شهيدن جي ڏهاڙي 6 سيپٽمبر 2024ع جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ صدر آصف علي زرداري چيو ته اس??ن جي هٿياربند فوج قومي خودمختياري ۽ ملڪي سالميت کي درپيش ڪنهن به چئلينج جو جواب ڏيڻ جي لاءِ چوڪس ۽ هر وقت تيار آهي، اس??ن جي فوج مناسب دفاعي ساز ۽ سامان سان ليس آهي، گهربل پيشيواراڻي مهارت رکڻ ۽ ملڪ کي سمورن چئلينجن کان بچائڻ جي لاءِ پرعزم آهيون، اس??ن خطي ۾ امن ۽ اس??حڪام ۽ سمورن پاڙيسرين سان پرامن گڏيل بقاءَ جا خواهشمند آهيون جڏهن ته ڪشميري عوام جي خراب حالت جو ازالو ڪري ئي خطي ۾ پائيدار امن ممڪن بڻائي سگهجي ٿو، ننڍي کنڊ جي اڻ مڪمل ورڇ جي ڪري ڪشميري عوام کي ڀارتي هٿياربند فوج جي هٿان غيرقانوني قبضو ۽ دهشتگردي درپيش آهي، غيرقانوني طور تي ڀارتي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي خودمختيار حيثيت جي خاتمي ان مسئلي کي وڌيڪ ڳنڀير بڻائي ڇڏيو آهي، ڀارت ڪشميري عوام جي خودمختياري جي حق بابت سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عملدرآمد ڪري. هن چيو ته اڄ پاڪستان کي ڪيترائي خطرا ۽ سيڪيورٽي چئلينجز درپيش آهن، پاڪستان ۾ دهشتگردي جون ڪارروايون ڪرائڻ جي لاءِ دشمن ملڪ پاڪستان مخالف عنصرن جي حمايت ڪري ملڪ کي نقصان پهچائڻ چاهين ٿا، انهن چئلينجز جي ڏس ۾ اس??ن جي هٿياربند فوج ۽ قانون ??اڳو ڪندڙ ادارا دهشتگردن کي شڪست ڏيڻ جي لاءِ پوري طرح تيار آهن، اس??ن دهشتگردي جي لعنت کي ختم ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي سيڪيورٽي فورسز سان گڏ آهيون. هن چيو ته اڄ جي ڏينهن اس??ن پنهنجي بهادر فرزندن جي عزم، سگهه ۽ حب الوطني جي جذبي جي ياد ملهايون ??ا، اڄ اس??ن وطن جي دفاع جي مقدس فرض جي تڪميل ۾ هٿياربند فوج سان پنهنجي اڻٿڪ حمايت جو وچن ڪريون ??ا، الله تعاليٰ پاڪستان جي حفاظت فرمائي ۽ اس??ن کي امن ۽ خوشحالي جي راهه تي گامزن فرمائي.