اسلام آباد – 18 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان پاران دولت مشترڪه ۽ ان جي چارٽر تي عملدرآمد جي عزم جو ورجاءُ ڪ??دي چيو آهي ته سموئه ۾ دولت مشترڪه جي حڪومتي سربراهن جي اج??اس سان دولت مشترڪه جي ميمبر ملڪن جي وچ ۾ مختلف معاملن خاص طور تي پائيد??ر ترقي، جمهوري ادارن جي مضبوطي ۽ دولت مشترڪه جي نوجوانن جي ترقي جي لاء?? تعاون کي هٿي ملندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم اها ڳالهه برطانيا جي بادش??هه چارلس ٽئين سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه دوران چئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف سان برطانيا جي ش??هه چارلس ٽئين ٽيليفون تي رابطو ڪيو. ش??هه چارلس ٽئين وزيراعظم کي آڪٽوبر ۾ سموئه ۾ منعقد ٿيندڙ دولت مشترڪه جي حڪومتي سربراهن جي اج??اس (سي ايڇ او جي ايم) ۾ شرڪت جي باقاعده دعوت ڏني. دعوت کي قبول ڪندي وزيراعظم چيو ته سموئه ۾ دولت مشترڪه جي ميمبر ملڪن جي حڪومتي سربراهن جي اج??اس جو انعقاد دولت مشترڪه جي تاريخ جو هڪ اهم اج??اس هوندو ڇو ته ش??هه چارلس جي بادشاهت سنڀالڻ کانپوءِ اهو پهريون دولت مشترڪه جو اج??اس هوندو جنهن جي هو پاڻ صدارت ڪندو. وزيراعظم پاڪستان جي دولت مشترڪه ۽ ان جي چارٽر تي عملدرآمد جي عزم جو ورجاءُ ڪ??و ۽ چيو ته سموئه ۾ دولت مشترڪه جي ملڪن جي وچ ۾ مختلف معاملن خاص طور تي پائيد??ر ترقي، جمهوري ادارن جي مضبوطي ۽ دولت مشترڪه جي نوجوانن جي ترقي جي لاء?? تعاون کي هٿي ملندي. ش??هه چارلس ٽئين جي ماحولياتي معاملن ۾ خصوصي دلچسپي ۽ موسمياتي پائيداري جي لاءِ قدمن جو ذڪر ڪندي وزيراعظم چيو ته سموئه ۾ دولت مشترڪه جي قائدين سان موسمياتي تبديلي جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ٿيندي. وزيراعظم بادش??هه چارلس ٽئين جي صحت بابت معلومات ڪيو. وزيراعظم پرنسس آف ويلز جو علاج مڪمل ٿيڻ تي ان جي لاءِ پڻ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ش??هه چارلس ٽئين جي پاڪستان جي گذريل دوري جو ذڪر ڪندي وزيراعظم اميد ظاهر ڪئي ته بادش??هه ۽ ملڪه جلد پاڪستان جو دورو ڪندا.