نيويارڪ – 25 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف 7 ارب ڊالر جي آء?? ايم ايف پئڪيج جي منظوري تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن ائين ئي محنت جاري رهي ته هي پا??ست??ن جو آخري آء?? ايم ايف پروگرام هوندو، پا??ست??ن جي معاشي استحڪام کانپوءِ معاشي ترقي جا هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ ائين ئي محنت جاري رکنداسين. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته الله جي فضل ۽ ڪرم سان معاشي سڌارن جو تيزي سان لاڳو جاري آهي، پا??ست??ن جي معاشي استحڪام کانپوءِ معاشي ترقي جا هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ ائين ئي محنت جاري رکنداسين. هن چيو ته پا??ست??ن ۾ ڪاروبا??ي سرگرمين ۽ سيڙپڪاري ۾ اضافو خوش آئنده ۽ معاشي ٽيم جي محنت جو واضح ثبوت آهي، سفار??ي محاذ تي ڪاميابين سان گڏوگڏ ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پا??ست??نين پاران پرڏيهي ناڻي ۾ اضافو انهن جي حڪومتي پاليسين تي اعتماد جي عڪاسي آهي جنهن تي پا??ست??ني برادري جا ٿورائتا آهيون. هن چيو ته جيڪڏهن ائين ئي محنت جاري رهي ته انشاءَ الله هي پا??ست??ن جو آخري آء?? ايم ايف پروگرام هوندو. وزيراعظم آء?? ايم ايف پئڪيج جي حوالي سان معاونت فراهم ڪندڙ د??ست ملڪن خاص طور تي سعودي عرب، چين ۽ گڏيل عرب امارات، مئنيجنگ ڊائريڪٽر ڪرسٽالينا جارجيوا ۽ سندس پوري ٽيم جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم پوري حڪوم??ي معاشي ٽيم، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار، ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب، آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير، ناڻي واري مملڪتي وزير علي پرويز ملڪ، پا??ست??ن جي چين ۾ سفير خليل هاشمي، پا??ست??ن ۾ چين جي سفير جيانگ زائيڊونگ، ناڻي وا??ي سيڪريٽري جا پڻ ان حوالي سان ڪوششن ۽ محنت تي ٿورا مڃيا. هن سمورين صوبائي حڪومتن خاص طور تي پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي جا پڻ ٿورا مڃيا.