اسلام آباد – 24 – سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان لبنان ??ي خلاف اسرائيل جي جارحيت جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته جمهوريه لبنان ??ي خلاف جارحيت جو اهو عمل گڏيل قومن جي چارٽر ۽ عالمي قانونن جي سنگين خلاف ورزي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران ??اري بيان ۾ چيو ويو ته اهو هڪ خطرناڪ اضافو آهي جنهن اڳ ۾ ئي غيرمستحڪم خطي ۾ امن ۽ سلامتي کي وڌيڪ خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي. هن چيو ته پاڪستان لبنان ??ي خلاف اسرائيل جي تازه ترين فوجي جارحيت جي شديد ترين لفظن ۾ مذمت ڪري ٿو جنهن ۾ سوين شهرين جو قتل عام ٿيو. ترجمان چيو ته پاڪستان لبنان ??ي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي لاءِ پنهنجي مڪمل حمايت جو ورجاءُ ڪري ٿو ۽ لبنان ??ي عوام سان يڪجهتي ۽ امن ۽ سلامتي سان ??هڻ جي حق جي لاءِ بيٺل آهي. هن عالمي برادري کان مطالبو ڪيو ته اها اسرائيل کي خطي ۾ ان ??ي خطرناڪ مهم جوئي ۽ جارحيت ۽ نسل ڪشيءَ جي ڪاررواين جو گهيراءُ ڪرڻ جي لاءِ فوري قدم کڻي.