اسلام آباد -29 سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو آهي، ته پاڪستان وچ اوڀر ۾ اسرائيل جي وڌندڙ م??م جوئي جي شديد مذمت ڪري ٿو، شهري آبادين تي اسرائيل جي بي لگ??م حملن ۽ عالمي قانونن جي پائمالي ڳڻتي جوڳي حد تائين پهچي وئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان جاري پڌرا??ي ۾ چيو آهي، ته گذري?? ڪيترن ڏينهن کان اسرائيلي فوج لبنان جي خودمختياري جي ناقابل قبول ڀڃڪڙي، شهري آبادي جي مرڪزن کي مسلسل نشانو بنائڻ، ان جي استحڪام ۽ سلامتي کي نقصان پهچائڻ ۾ مصروف آهي. پاڪستان اسرائيل جي جارحيت سبب متاثرن جي خاندانن ۽ لبنان جي عوام سان تعزيت جو اظهار ڪري ٿو هن چيو ته لبنان ۾ حزب الله جي سيڪريٽري جنرل کي قتل ڪرڻ جو گذريل ڏينهن اسرائيل جو غير محتاط عمل پهرين کان ئي عدم استحڪام جي شڪار خطي ۾ هڪ وڏو اضافو آهي. ترجمان چيو ته پاڪستان لبنان جي عوام سان يڪجهتي ڪري ٿو. پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل تي زور ڀريو آهي ته اسرائيل کي خطي ۾ ان م??م جوئي ۽ عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي کان روڪيو وڃي ۽ وچ اوڀر ۾ امن بحا?? ڪيو وڃي.