اسلام آباد – 10 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته عالمي آرٽ نمائشون قومن جي وچ ۾ فنڪاراڻي ۽ ثقافتي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون. اها ڳالهه هن پاڪستان ني??نل ڪائونسل آف دي آرٽس (پي اين ??ي اي) ۾ عالمي شهرت يافته سريلنڪن مصور معين ??اهيد ۽ سندس پٽ ب??ال راجي ساهيد جي پينٽنگ نمائش کي خاص مهمان جي حيثيت سان ڳالهائيندي چئي. اطلاعات واري وفاقي وزير ثقافتي مٽاسٽا ۽ سوچ کي جنم ڏيندڙ فن پارن ۾ سريلنڪا جي متصورن معين ??اهيد ۽ بلال راجي ساهيد جي ڪردار کي ساراهيو. هن معين ??اهيد کي پاڪستان ۽ سريلنڪا جي وچ ۾ مضبوط دوستي جي يادگار جي طور تي پاڪستان جي ڪنهن اهم تاريخي جڳهه تي هڪ پينٽنگ تيار ڪرڻ جي دعوت پڻ ڏني. واضح رهي ته پاڪستان ني??نل ڪائونسل آف دي آرٽس (پي اين ??ي اي) تازو ئي عالمي شهرت يافته سريلنڪن مصور معين ??اهيد ۽ سندس پٽ ب??ال راجي ساهيد جي شاندار پينٽنگز نمائش جي پڄاڻي واري مرحلي جي ميزباني ڪئي. نمائش کي پاڪستاني عوام، آرٽ جي شوقينن وسيع پئماني تي ساراهيو. معين ??اهيد سريلنڪا جي قديم غارن ۽ جبلن تي لکيل ڪتبي جي موضوع تي پنهنجون تخليقون پيش ڪيون. پنهنجي تخليقن ۾ مشهور اپسرا پينٽنگز جي عنصرن کي شامل ڪري هن ڏسندڙن جي دلين کي گهرائين ??ائين ڇُهيو. معين ??اهيد لاهور ميوزيم جي مستقل ڪولڪيشنز جي لاءِ ميوزيم جي ڊائريڪٽر جنرل کي پنهنجي هڪ پينٽنگ پڻ پيش ڪئي. بلال راجي ساهيد جيڪو لنڊن جي رائل ڪاليج آف آرٽ مان گريجوئيٽ آهي، هن پنهنجي سريلنڪن ثقافتي سوچ ۽ مشاهدن کي منعڪس ڪندڙ فن پارن جي سيريز پيش ڪئي. پنهنجي نمائشن کانسواءِ معين ??اهيد ۽ بلال راجي ساهيد ني??نل ڪاليج آف آرٽس ۽ پنجاب يونيورسٽي جي فنون لطيفه جي شعبي سميت ذڪر جوڳي ادارن ۾ ڪيترن ئي دلچسپ مباحثن جو پڻ اهتمام ڪيو. پي اين ??ي اي ۾ اها نمائش 20 آڪٽوبر 2024ع تائين ??اري رهندي. ان دوران فنڪارن جي ڳالهه ٻولهه، سيشن ۽ ورڪشاپس پڻ منعقد ٿيندا.