اسلام آباد – 16 – آڪٽوبر (اي پي پي) چين جو وزيراعظم لي چيانگ پاڪستان جي دوري ۽ ايس سي او سربراهي اجلاس ۾ شرڪت کانپوءِ پنهنجي وطن واپس روانو ٿي ويو. نور خان ايئربيس تي منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير اح??ن اقبال کيس الوداع ڪيو. ان موقعي تي وفاقي وزير چيو ته اميد آهي توهان جلد ٻيهر پاڪستان ايندا، سي پيڪ پاڪ چين دوستي جو ديوار چين وانگر سنگ ميل آهي. چين جي وزيراعظم لي چيانگ وفاقي وزير اح??ن اقبال کي سي پيڪ جي لاءِ خدمتن تي خراج تحسين پيش ڪيو. چيني وزيراعظم لي چيانگ چيو ته آئون ٻيهر پاڪستان ايندس، پاڪستان چين جو آئرن برادر آهي، آئون پاڪستان جي عو??م ۽ وزيراعظم محمد شهباز ش??يف جي شاندار ميزباني تي ٿورا ادا ڪر??ان ٿو.