واشنگٽن _ 24 آڪٽوبر (اي پي پي )ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب موسمياتي ايڪشن لاءِ ناڻي وارن وزيرن جي اتحاد جي اهتمام ه??ٺ گول ميز ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي. ناڻي وزارت طرفان جاري بيان مطابق هن قدرتي ماليات کي وڌائڻ لاءِ اوزارن، پاليسين ۽ حڪمت عملي تيار ڪرڻ جي موضوع تي گروپ ڊسڪشن ۾ حصو ورتو . ڳالهين ۾ عالمي حياتياتي واڌ ويجهه واري فريم ورڪ ( جي جي ايف ) ۾ مالياتي هدف لا??و ڪرڻ جي تجربن ۽ بهترين طريقڪار تي خيالن جي ڏي وٺ ۽ حياتياتي واڌ ويجهه جو مالي خال ڀرڻ جو ح?? ڳوليو ويو.