اسلام آباد-25 آڪٽوبر (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان ۾ پرڏيهي سيڙپڪارن کي مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري لاءِ ڀرپور موقعا ملي رهيا آهن، حڪومت سڌارن جي جامع ايجنڊا تي ??مل ڪري رهي آهي، معاشي استحڪام لاءِ قدمن جي نتيجي ۾ اهم معاشي اهڃاڻ مثبت آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن عالمي بئنڪ ۽ عالمي مالياتي فن?? جي بهار جي موسم جي سالياني اجلاس جي موقعي تي واشنگٽن ڊي سي ۾ مختلف ملاقاتن، تقريبن ۽ سرگرمين دوران ڳالهائيندي ڪيو. ناڻي واري وزير سٽي بئنڪ، اسٽينڊرڊ چارٽرڊ ۽ جي پي مورگن طرفان منعقد سيڙپڪار فورمز ۾ شرڪت ڪئي ۽ گذريل مالي سال ۾ پاڪستان جي معيشت جي ڪارڪردگي بابت سيڙپڪارن کي تفصيل سان آگاهه ڪيو. ناڻي واري وزير چيو ته معاشي استحڪام لاءِ کنيل قدمن جي نتيجي ۾ اهم معاشي اهڃاڻ درست رخ ۾ گامزن آهن. ناڻي واري وزير چيو ته ٽيڪس، توانائي، سرڪاري ادارن ۾ بهتري، نجڪاري ۽ حڪومتي ڍانچي ۾ اهم سڌارن تي ??ملدرآمد ٿي رهيو آهي. حڪومت مجموعي پيداوار جي شرح سان ٽيڪسن جي شرح ۾ اضافي لاءِ قدم کڻي رهي آهي، هن قومي مالياتي معاهدي ۾ صوبائي حڪومتن جي ڪردار تي پڻ روشني وڌي. ناڻي واري وزير فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) ۾ عملي، عمل ۽ ٽيڪنالاج?? جي شعبي ۾ سڌارن جو ذڪر ڪيو. هن ان موقعي تي چيني آءِ پي پيز سان بجل?? جي خريدار?? جي معاهدن تي ڳالهين، خاص اقتصادي زونز ۽ خودمختار ويلٿ فنڊ بابت سيڙپڪارن جي مختلف سوالن جا جواب پڻ ڏنا. اسلامي ترقياتي ??ئنڪ جي صدر ڊاڪٽر محمد سليمان الجاسر سان ملاقات ۾ ناڻي واري وزير پاڪستان جي ترقي ۾ اسلامي ترقياتي ??ئنڪ جي ڪردار کي ساراهيو ۽ توانائي، ٽرانسپورٽ، تعليم ۽ صحت سميت مختلف شعبن ۾ بئنڪ جي سيڙپڪار?? جي واکاڻ ڪئي. هن سعودي عرب جي سيڙپڪاري واري وزير جي پاڪستان جي تازي دوري جو به ذڪر ڪيو جنهن ۾ نجي شعبي سان بزنس ٽو بزنس لاڳاپن کي هٿي ڏني وئي. ناڻي واري وزير مهمند ڊيم جي تعمير ۾ اسلامي ترقياتي ??ئنڪ ۽ عرب ڪوآرڊينيشن گروپ جي ٻين ميمبرن جي سيڙپڪاري کي ساراهيو ۽ ان کي وڏي ۽ وڌيڪ گڏيل منصوبن لاءِ هڪ ڪامياب مثال قرار ڏنو. ناڻي واري وزير يو ايس پاڪستان بزنس ڪائونسل جي وفد سان ملاقات ۾ آمريڪا ۽ پاڪستان وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪار?? جي رابطن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ ۾ ڪائونسل جي ڪردار کي واکاڻ ڪئي آهي.هن آمريڪي ڪمپنين کي حڪومت جي سيڙپڪاري دوست پاليسين ۽ خاص سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل ذريعي فراهم ڪيل ون ونڊو سروس مان فائدو حاصل ڪرڻ جي دعوت ڏني. ان موقعي تي هن وزيراعظم طرفان ڪائونسل کي پاڪستان جي دور?? جي دعوت جو به ذڪر ڪيو. جي پي مورگن بئنڪ جي نمائندن سان ملاقات دوران ناڻي واري وزير معيشت ۾ تازي بهتري ۽ پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ اسٽينڊ باءِ ارينجمينٽ (ايس بي اي) معاهد?? جي پڄاڻي تي پاڪستان جي معاشي صورتحال تي ??يالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن ٽيڪس، نجڪاري، سرڪاري ادارن جي نئين سر تنظيم ۽ عالمي ڪيپٽل مارڪيٽن ۾ داخل ٿيڻ جي حوالي سان حڪومت جي عزم تي ??ور ڀريو. ناڻي واري وزير ان سلسلي ۾ پهرين پانڊا بانڊ جاري ڪرڻ جو به ذڪر ڪيو. ناڻي واري وزير برطانيه جي ترقي، عورتن ۽ برا??ري واري وزير انيليسي ڊوڊز سان ملاقات ۾ ترق?? جي شعبي ۾ پاڪستان ۽ برطانيه جي پراڻي حصيداري کي ساراهيو ۽ پاڪستان لاءِ آءِ ايف س?? جي موسيماتي ??يڙپڪاري فنڊز ۾ 120 ملين ڊالرن جي سهڪار جي آجيان ڪئي. ناڻي واري وزير برطانوي ڪمپنين کي زراعت، آءِ ٽي، کاڻيون کوٽڻ ۽ معدنيات جي شعبن ۾ سيڙپڪار?? جي دعوت به ڏني ۽ ٻڌايو ته اسٽيٽ بئنڪ منافعي ۽ ڊيويڊن?? جي واپسي جا سمورا التوا هيٺ ڪيس ڪليئر ڪري ڇڏيا آهن. عالمي بئنڪ جي آپريشنز بابت مينيجنگ ڊائريڪٽر اناجير دي سان ملاقات ۾ پاڪستان جي ترقياتي ??رجيحن ۽ ورلڊ بئنڪ جي ڪنٽري پارٽنرشپ فريم ورڪ تي ??يالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ناڻي واري وزير عالمي بئنڪ ۽ آءِ ايم ايف سان سهڪار سان شروع ٿيل گڏيل ڊوميسٽڪ ريسورس موبلائيزيشن انيشيٽيو جو تعارف ڪرايو. ناڻي واري وزير عالمي بئنڪ طرفان پي فار آر ۽ آءِ پي ايف لاءِ چئن سالن تائين ڪا ڪمٽمنٽ فيس نه وٺڻ جي فيصلي کي ساراهيو. ناڻي واري وزير ان ڳالهه تي پڻ زور ڀريو ته پراجيڪٽ جي بهتر تياري لاءِ عالمي بئنڪ طرفان صلاحيتن ۾ بهتري جا ورڪشاپس منعقد ڪيا وڃن. بئنڪ فار آمريڪا سيڪيورٽيز طرفان منعقد سمال ٽاڪس فورم دوران ناڻي واري وزير حڪومت جي معاشي استحڪام جي ڪوششن ۽ گذريل سال جي معاشي ڪارڪردگي جو جامع جائزو پيش ڪيو. هن ٽيڪس، توانائي، نجڪاري ۽ سرڪاري ادارن ۾ سڌارن جي عمل کي جاري رکڻ جي حڪومتي ??زم جو ورجاءُ ڪيو ۽ ٻڌايو ته ايف بي آر ۾ جامع سڌارن جو سلسلو جاري آهي. هن سيڙپڪارن کي زراعت، آءِ ٽي، کاڻيون کوٽڻ ۽ تجديد جوڳي توانائ?? جي شعبن ۾ حصيدار?? جي دعوت ڏني. ناڻي واري وزير عالمي بئنڪ گروپ جي صدر اجي پال سنگهه بنگا طرفان ڏنل تقريب کي شرڪت ڪئي، ناڻي واري وزير عالمي بئنڪ جي صدر کي پاڪستان ۾ واقع سک گردوارن جي فريم ٿيل تصوير جو تحفو پيش ڪيو.