اسلام آباد – 18 – نومبر (اي پي پي) ??زي??اعظم محمد شهباز شريف ٽيڪس نه ڏيندڙن جي خلاف ڪاررواين ۾ تيزي آڻڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ٽيڪس چوري ڪندڙن ۽ انهن جي مدد ڪندڙن کي منطقي انجام تائين پهچائي رهنداسين، عوامي ريليف کي هر ٻئي قدم تي ترجيح ڏني وڃي. ??زي??اعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ??زي??اعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ معيشت جي صورتحال تي جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ ناڻي واري وزارت آءِ ايم ايف جي وفد سان ٿيندڙ ملاقاتن تي بريفنگ ڏني. ??زي??اعظم چيو ته ملڪ معاشي استحڪام طرف گامزن آهي، معيشت جي ترقي جي لاءِ قدمن سان اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ تيزي جو رجحان آهي. ??زي??اعظم چيو ته ٻاهريان سيڙپڪار حڪومتي پالي??ين تي اعتماد جو اظهار ڪري رهيا آهن، عوامي ريليف کي هر ٻئي قدم تي ترجيح ڏني وڃي، عوام سان ڪيل واعدن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهيا آهيون. ??زي??اعظم چيو ته مهانگائي جي شرح 38 سيڪڙو کان گهٽ ٿي 7 سيڪڙو تي اچي وئي آهي، وياج جي شرح 22 سيڪڙو کان گهٽ ٿي 15 سيڪڙو تي اچي وئي، وياج جي شرح ۾ گهٽتائي سان ملڪ ۾ ڪاروباري سرگرمين ۾ اضافو ۽ روزگار جا نوان موقعا پيدا ٿيندا. ??زي??اعظم چيو ته ملڪي روانگي واپار ۾ اضافي ۽ رڪارڊ مٽاسٽا جي ناڻي جي ڪري ملڪي پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن ۾ اضافو ٿيو، زرعي شعبي ۾ سڌارن جي حوالي سان پنجاب جي ??زي??اعليٰ ۽ پنجاب حڪومت کي خراج تح??ين پيش ڪريون ٿا. ??زي??اعظم واضح هدايت ڪئي ته ٽيڪس نه ڏيندڙن جي خلاف ڪاررواين ۾ تيزي آندي وڃي، ٽيڪس چوري ڪندڙن ۽ انهن جي مدد ڪندڙن کي منطقي انجام تائين پهچائي رهنداسين. ??زي??اعظم چيو ته ملڪي معيشت جي ترقي تڏهن ئي ممڪن آهي جڏهن سڀ پنهنجي حصي جي ذميواري پوري ڪن، سمورن شعبن ک?? ٽيڪس ادا ڪري ملڪي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. اجلاس کي معيشت جي انگن اکرن، مهانگائي جي موجوده صورتحال تي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ک?? ٽيڪس چوري ۽ انهن جي مدد ڪندڙن ۽ انهن جي خلاف ڪارروائي کان پڻ آگاهه ڪيو ويو. اجلاس ۾ وفاقي ??زي??ن محمد اورنگزيب، احد خان چيما، عطاءُ الله تارڙ، ڊاڪ??ر مصدق ملڪ، مملڪتي ??زي?? علي پرويز ملڪ، ??زي??اعظم جي ڪوآرڊينيٽر راڻا احسان افضل ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.