اسلام آباد – 20 – نومبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ سينيٽر محمد ??سح??ق ڊار پائيدار ترقي جي هدفن جي اچيومينٽ پروگرام تي اسٽيئرنگ ڪميٽي جو 44هين اجلاس جي صدارت ڪئي. نائب وزيراعظم جي آفيس پاران جاري بيان موجب اجل??س ۾ منصوبابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير احسن اقبال، وزيراعظم جي سياسي ۽ عوامي معاملن واري خاص معاون راڻا ثناءُ الله ۽ توانائي (پاور ڊويزن) واري وفاقي وزير اويس لغاري شرڪت ڪئي. قومي اسيمبلي ميمبر ۽ وفاقي سي??ري??ريز پڻ اجل??س ۾ شريڪ ٿيا. اجل??س ۾ پائيدار ترقياتي هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ قدمن ۽ حڪومتي پروگرامن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي جنهن ۾ پاڪستان ۾ بنيادي ڍانچي ۽ پٺتي پيل ڪميونٽيز جي ضرورتن تي خاص ڌيان ڏنو ويو.