ماسڪو-04 ڊسمبر (اي پي پي) توانائي واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري چيو آهي ته پا??ستان ۽ روس وچ ۾ سهڪار کي هٿي ملي رهي آهي، توانائي کي هٿي وٺرائڻ ۽ اقتصادي سهڪار ٻنهي ملڪن لاءِ اهم آهي. ماسڪو ۾ جاري پا??ستان ۽ روس وچ ۾ نائين بين الحڪومتي ڪميشن جي اجلاس جي موقعي تي ڳالهائيندي هن چيو ته پا??ستان ۽ روس وچ ۾ ڏهاڪا پراڻا لاڳاپا آهن ۽ پا??ستان روس سان پنهنجي دوستاڻي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو. وفاقي وزير چيو ته پا??ستان ۾ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا موجود آهن. روس جي وزير چيو ته روس ۽پاڪستان جا لاڳاپا پراڻي دوستي ۽ اعتماد تي ٻڌل آهن. پاور ڊويزن موجب روس ۽ پا??ستان وچ ۾ 8 معاهدن تي صحيح ڪئي وئي. ڪامسيٽس ۽ پشاور يونيورسٽي ??ا روسي تعليمي ادارن سان معاهدا ٿيا جڏهن ته نيوٽيڪ جو به روسي يونيورسٽي ??ان معاهدو طئي ٿيو آهي. ٻين معاهدن ۾ انسولين جي تياري جي حوالي سان به ٻنهي ملڪن وچ ۾ معاهدا طئي ٿيا. ٻطرفي واپار ۽ صنعتي شعبي ۾ سهڪار بابت به معاهدو طئي ٿي ويو. پا??ستان ۽ روس وچ ۾ واپاري ۽ معاشي سهڪار کي هٿي وٺرائڻ جي حوالي سان به معاهدي تي صحيح ڪئي وئي.