راولپنڊي- 10 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪ فوج جي ??يل?? جنرل ڪورٽ مارشل ليفٽيننٽ جنرل (ر) فيض حميد کي سياسي سرگرمين ۾ ملوث هجڻ، آفيشل سيڪريٽ ??يڪ?? جون خلاف ورزيون ڪندي رياست جي تحفظ ۽ مفاد کي نقصان پهچائڻ، اختيارن ۽ سرڪاري وسيلن جي غلط استعمال ۽ ماڻهن کي ناجائز نقصان پهچائڻ جي الزامن ۾ ٻئي مرحلي ۾ باقائده چارج شيٽ ڪري ڇڏيو آهي. مٿس وڳوڙي ۽ بدامنيءَ جي ڪيترن ئي واقعن ۾ 9 مئي سان ڳنڍيل واقعا به جاچ ۾ شامل آهن. آءِ ايس پي آر مطابق 12 آگسٽ 2024ع تي پاڪستان آرمي ??يڪ?? جي لاڳاپيل شقن تحت ليفٽيننٽ جنرل (ر) فيض حميد خلاف ??يل?? جنرل ڪورٽ مارشل جي ڪارراوئي شروع ڪئي وئي. ??يل?? جنرل ڪورٽ مارشل جي ٻئي مرحلي ۾ ليفٽيننٽ جنرل (ر) فيض حميد کي باضابطه طور تي چارج شيٽ ڪيو ويو آهي، انهن چارجز ۾ سياسي سرگرمين ۾ ملوث هجڻ، آفيشل سيڪريٽ ??يڪ?? جي خلاف ورزي ڪندي رياست جي تحفظ ۽ مفاد کي نقصان پهچائڻ، اختيارن ۽ سرڪاري وسيلن جي غلط استعمال ۽ ماڻهن کي ناجائز نقصان پهچائڻ شامل آهن. ??يل?? جنرل ڪورٽ مارشل جي ع??ل دوران ملڪ ۾ انتشار ۽ بدامني بابت پُرتشدد واقعن ۾ ليفٽيننٽ جنرل (ر) فيض حميد جي ملوث هجڻ بابت ڌار جاچ به ڪئي پئي وڃي. ان تي تشدد ۽ بدامني جي واقعن ۾ 9 مئي سان جڙيل واقعا به جاچ ۾ شامل آهن. انهن ڪيترن ئي پرتشدد واقعن ۾ ناپاڪ سياسي ع??صرن سان گڏجڻ ۽ ملي ڀڳت پڻ جاچ ۾ شامل آهن. ??يل?? جنرل ڪورٽ مارشل جي ع??ل دوران ليفٽيننٽ جنرل (ر) فيض حميد کي سمورا قانوني حق فراهم ڪ??ا پيا وڃن.