لنڊن -31 جولاءِ (اي پي پي) برطانيه ۾ چين جي سفير ز??نگ زيگوانگ ٻنهي ??لڪ?? وچ ۾ ٻه طرفي سهڪار تي زور ڀريندي چيو ته برطانيه ۽ چين کي گڏيل مفادن لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي. شنهوا موجب هن گذريل ڏينهن برطانيه ۾ منعقد ٿيل چين – برطانيه واپاري آجياڻي ۾ ڪا??وباري اڳواڻن سان ملاقات دوران چيو ته ٻنهي ??لڪ?? کي معيشت جي ترقي ۽ ماڻهن جي حياتين کي بهتر بڻائڻ جي اهم ٽاسڪ جو چئلينج آهي. هن چيو ته ٻئي ملڪ مالياتي خدمتن، تجديد جوڳي توانائي، گرين ٽيڪنالاجي، سرحد پار ڏوهن ۽ مصنوعي ذهانت (اي آءِ) سيفٽي جي حڪمراني جهڙن شعبن ۾ سهڪار کي مضبوط بڻائي سگهن ٿا. چيني سفير چيو ته اسان جو سهڪار اسان جي لاڳاپيل معيشتن کي وڌائڻ، زندگي گذارڻ جا خرچ گهٽائڻ، پيداواري صلاحيت وڌائڻ ۽ ماحول دوست قدم تيز ڪرڻ ۾ مدد ڪري سگهي ٿو. هن چيو ته عالمي مسئلن تي سهڪار سان ڪجهه مسئلن تي غلط فهمي، دٻاءَ کي گهٽائڻ ۽ سفارتڪاري کي بهتر موقعا ڏيڻ ۾ به مدد ملندي. هن برطانوي سيڙپڪارن، سياحن ۽ شاگردن کي چين ۾ اچڻ تي خوش آمديد ڪندي چيو ته چيني مارڪيٽ سدائين برطانوي ڪا??وبار لاءِ کليل رهندو. هن تجويز پيش ڪئي ته ڪا??وباري برادري مارڪيٽ جي معيشت ۾ چين جي سڌارن، ماحول دوست قدمن ۽ ڪا??بن جو نيڪال گهٽ ڪرڻ کي هٿي ڏيڻ ۽ چين جي کليل دل تي وڌيڪ ڌيان ڏئي. چين برطانيه واپا??ي ڪائونسل جي چيف ايگزيڪيوٽو پيٽر برنيٽ چيو ته اسان يقيني طور وڌيڪ ڳالهيون ڪرڻ گهرون ٿا، مان سمجهان ٿو ته اسان ٻنهي ??لڪ?? وچ ۾ ڳالهين جي بنياد تي اهڙو ماحول ٺاهڻ چاهيون ٿا جيڪو ڪا??وبار کي يقيني بڻائي.