اسلام آباد – 26 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ آرمي چيف ج?? ملازمت جي مدي ۾ واڌ ??ي معاملي تي سپريم ڪورٽ جي آبزرويشن جو جائزو ورتو ويو ۽ آرٽيڪل 255 ۾ ترميم ذريعي لفظ مدي ۾ واڌ ??ي اضافي جي منظوري ڏني وئي. وفاقي ڪابينا وزيراعظم عمران خان جي پاڪ ف??ج جي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوه ج?? ملازمت جي مدي ۾ واڌ ??ي فيصلي جي مڪمل حمايت ڪري ڇڏي آهي. وفاقي وزير شفق?? محمود، شيخ رشيد احمد ۽ وزيراعظم جي احتساب بابت خصوصي معاون شهزاد اڪبر وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي هنگامي اجلاس کانپوءِ پي آءِ ڊي ۾ صحافين کي بريفنگ ڏئي رهيا هئا. پيشيواراڻي تعليم ۽ تربيت واري وفاقي وزير شفق?? محمود ڪابينا اجلاس جي حوالي سان ٻڌاي?? ته وفاقي ڪابينا جي هنگامي اجلاس ۾ سپريم ڪورٽ جي پاڻمرادو نوٽيس، عدالت جي آبزرويشن ۽ نوٽيسز جاري ڪرڻ جي معاملي تي غور ڪيو ويو.