اسلام آباد – 17 ڊسمبر (اي پي پي) ص??ر ڊاڪٽر عارف علوي هٿرادو ذهانت، بلاڪ چين، روبوٽڪس ۽ انٽرنيٽ آف ٿنگز (آءِ او ٽيز) جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ۾ ايندڙ ڏهاڪو انفارم??شن اينڊ ڪميونيڪي??ن ٽيڪنالاجيز جي انقلاب جي ڏهاڪو هوندو، ان لاءِ پاڪستان کي ضروري عنصر گهربل هوندا، ان حوالي سان ملڪ جي صنعتي شعبن کي وقت سر تياري ڪرڻ گهرجي. هو ايوان صدر ۾ ايمرجنگ ٽيڪنالاجيز جي باري ۾ ٽاسڪ فورس جي اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو، اجلاس ۾ انفارمي??ن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪ??شن وارو وفاقي وزير خالد مقبول صديقي ۽ سڄي ملڪ مان آءِ ٽي ماهرن شرڪت ڪئي.