اسلام آباد – 20 جنوري (اي پ?? پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته دنيا ۾ عزت ۽ وقار وڌائڻ جي لاءِ ملڪ کي پ??هنجي پ??رن تي بيهارڻو پوندو، قرضي قومن جي آزادي متاثر ٿئي ٿي، ٽيڪس جي ادائگي کانسواءِ اسلامي فلاحي رياست جو قيام ممڪن نه آهي، واپارين سميت ملڪ جو هر طبقو پنهنجي حصي جو ٽيڪس ادا ڪري، ملڪ ۾ مهانگائي ۽ غريب طبقن جو پورو احساس آهي، حڪو??تي قدمن جي ڪري جلد بهتري ايندي، قومن جي زندگي ۾ آسان ۽ مشڪل وقت ايندو رهندو آهي، اسان گڏجي سمورا مسئلا حل ??نداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن فيڊرل بورڊ آف روينيو جي اهتمام هيٺ واپارين جي لاءِ ٽيڪس نظام ۾ آساني ۽ سڌارن جي حوالي سان تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.