اسلام آباد – 12 مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته خوراڪ جو تحفظ قومي سلامتي سان ڳنڍيل آهي، زرعي شعبي ۾ جديد تحقيق، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ مصنوعي ذهانت جي استعمال سان في ايڪڙ پيداوار ۾ اضافو ڪري سگهجي ٿو، پيداواري لاڳت وڌڻ ??ان زرعي شعبو متاثر ٿيو آهي، زرعي تحقيق کي آبادگارن تائين پهچائڻ کانسواءِ حقيقي ثمر حا??ل ڪرڻ ممڪن نه هوندو. اسان جي زرعي پيداوار ڇو گهٽ ٿي، اسان ??ي ان حوالي سان ماضي جي غلطين مان سبق حا??ل ڪرڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جي اهتمام هيٺ زراعت تي قومي ڳالهه ٻولهه جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.