اسلام آب??د – 02 جون (??ي پي پي) قومي را??طا ڪميٽي ۾ سمورن صوبائي وڏن وزيرن طرفان ڪيل فيصلن تي عملدرآمد لاءِ مروجه پلان نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر کي موڪليا وڃن ته جيئن فيصلن تي عملدرآمد کي موثر ۽ يقيني بڻائي سگهجي. اهڙن خيالن جو اظهار وفاقي وزير اسد عمر اين سي او سي جي گڏجاڻي جي صدارت ڪندي ڪيو جنهن ۾ اين سي او سي ڪيل فيصلن تي آئنده جي لائحه عمل، سياح?? جي شعبي کي کولڻ بابت تجويزن ۽ ايس او پيز تي عملدرآمد جي حوالي سان غور ڪيو، اسد عمر جو وڌيڪ چوڻ هو ته صوبائي چيف سيڪريٽريز سان عملدرآمد لاءِ جوڙيل لائحه عمل اين سي او سي ۾ پيش ڪيو وڃي، هن خبردار ڪيو ته بازار، پبلڪ ٽرانسپورٽ ۽ صنعتي شعبا انتهائي خطرناڪ جايون آهن جتي ڪورونا جي پ??ڙجڻ جو خدشو تمام گهڻو آهي جنهن جي لاءِ ايس او پيز تي خصوصي ڌيان ڏنو وڃي.