اسلام آباد – 03 جون (اي پي پي) منصوبابندي، ترقي، سڌارا ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته ايس او پيز عملدرآمد تي ڪنهن به قسم جي نرمي نه ڪئي ويندي، سخت انتظامي قدم ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ شروع ڪيا پيا وڃن جنهن جو مقصد حفاظتي تدبيرن جي خل??ف ورزي تي سخت ڪارروائي ڪرڻي آهي ته جي??ن مارڪيٽس، ٽرانسپورٽ ۽ صنعتي شعبن ۾ ڪورونا جي پکيڙ کي روڪي سگهجي، انهن شعبن ۾ ڪورونا جي پکيڙ جو خدشو سڀ کان وڌيڪ آهي، سمورن صوبن ۾ عوام کي اهو واضح پيغام پهچايو وڃي ته حڪومت سماجي فاصلن ۽ حفاظتي تدبيرن جي خل??ف ورزي ڪندڙن جي خل??ف انتظامي ڪارروايون شروع ڪرڻ وڃي ر??ي آهي. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين س?? او سي) ۾ اجلاس جي صدارت ڪندي ان جو وڌيڪ چوڻ هو ته قومي رابطا ڪميٽي ميٽنگ جي منٽس ۾ ان ڳالهه جي تصحيح ڪئي وئي ته رضاڪاراڻي طور تي حفاظتي قدمن تي عملدرآمد ۽ خل??ف ورزي ڪندڙن جي خل??ف سخت قدمن کي يقيني بڻايو ويندو، ان ڏس ۾ اين سي سي جي سمورن صوبن کي ڀرپور حمايت حاصل آهي، واپارين کي ايس او پيز تي سختي سان عملدرآمد ڪرڻو پوندو ۽ عملدرآمد نه ڪندڙن جي خل??ف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.