اسلام آباد ?? 07 ??ولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ??هي ته ڪورونا وبا جي خلاف موجوده حڪومت جي حڪمت عملي ڪامياب رهي آهي، عيدالاضحيٰ جي موقعي تي ڪورونا وبا جي پکڙجڻ جو خدشو آهي، وزيراعظم عمران خان عيدالاضحيٰ گهر ملهائڻ جو فيصلو ڪيو ??هي ۽ عوام کي به اپيل ڪئي ??هي ته هو عيدالاضحيٰ تي گهرن ۾ رهن، وزيراعظم جي غربت گهٽايو ۽ سماجي تحفظ بابت خاص مددگار ڊاڪٽر ثانيه نشتر کي احساس پروگرام جو ٻيو مرحلو شروع ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، حڪومت ڪورونا وبا ۽ موجوده معاشي صورتحال ۾ متوازن بجيٽ پيش ڪئي آهي، شڪي لائسنس وا??ن 28 پائليٽس کي نوڪري مان ڪڍيو ويو آهي، جعلي لائسنس وارا سمورا پائليٽس پيپلزپارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) جي دور ۾ ڀرتي ڪيا ويا?? جلعي پائليٽن جي معاملي تي پي آءِ اي ۽ سول ايوي ايشن عملدارن جي خلاف ڪارروائي ڪئي پئي وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ڪيو.