مظفر آباد – 05 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪشمير ??و مسئلو دنيا جي هر فورم تي اٿارينداسين، مودي ڪشمير جي خصوصي حيثيت جي خاتمي جو تڪبر وارو فيصلو ڪري بري طرح ڦاسي چڪو آهي، سندس اهو ??دم ڪشمير جي آزادي تي ختم ٿيندو، عالمي ميڊيا ۽ اولهه سميت سڄي دنيا هاڻي ڪشمير تي ڳالهه ڪري ٿي، ڪشمير جي مسئلي کي 5 آگسٽ کانپوءِ جهڙي طرح آثاريو هو ڌرڻي ۽ ڪوويڊ 19 جي ڪري 6 مهينن کان اهو ??سئلو پٺتي هليو ويو، هاڻي ان کي ٻيهر ڀرپور انداز ۾ اٿارڻ جي منصوبابندي ڪري رهيا آهيون، سيد علي گيلاني کي ان جي ثابت قدمي تي 14 آگسٽ تي نشان پاڪستان ڏنو ويندو. ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي آزاد ڪشمير قانونساز اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته مون تمام وڏي دلچسپي سان ڳالهه ٻڌي، پاڪستان ۾ جيڪو پوٽينشل آهي دنيا ۾ شايد ئي ڪٿي هجي، ان جو پاڻ پاڪستانين کي اندازو نه آهي، اسان کي ان جي خبر آهي اهو ڪيڏانهن وڃي سگهي ٿو، 60ع جي ڏهاڪي ۾ دنيا پاڪستان ??و مثال ڏيندي هئي، ان بابت چيو ويندو هو ته ??يشيا جو ڪيليفورنيا بڻجڻ وڃي رهيو آهي، پوءِ بدقسمتي ٿي جو پاڪستان پٺتي هليو ويو. هن چيو ته ??ها دنيا جي تاريخ آهي ته ??يڪو به پنهنجي منزل تان هٽي وڃي اهو ??ٺتي هلي وڃي ٿو. وزيراعظم چيو ته ??سان کي مايوس نه ٿ??ڻ گهرجي، آزاد ڪشمير جي وزيراعظم جي ڳالهين مان مون کي مايوسي محسوس ٿي، ان جي ڳالهين مان لڳو ته هو اندر کان هاريل آهي جڏهن ته منهنجي سوچ ان کان مختلف آهي، ڪشميرين کي الله پاڪ اهڙي دور مان گذاري رهيو آهي جو هاڻي ڪشميري آزاد ٿيندا، 5 آگسٽ 2019ع ??و مودي جو قدم تمام وڏي غلطي آهي، مودي جي 5 آگسٽ جي فيصلي جي پٺيان ڪيترا ئي سبب آهن، هو ??اڪستان جي خلاف نفرت پکيڙي رهيو هو، پلواما جي واقعي کي اڇالي پاڪستان کي سبق سيکارڻ جي ڳالهه ڪئي، ڪشمير جي خاص حيثيت جو خاتمو مودي جي منشور ۾ شامل هو، چونڊن ۾ ملندڙ وڏي اڪثريت جي ڪري مودي 5 آگسٽ جو قدم کنيو، ان جي ان قدم کي هندو ڪميونٽي ۾ پذيرائي به ملي، مودي کي اميد هئي ته ??ن قدم تي پاڪستان خاموش رهندو ڇو ته ??سان انهن کي چيو هو ته ??يڪڏهن هو ??ڪ قدم اڳتي وڌائيندا ته ??سان ٻه قدم اڳتي وڌائينداسين، ٻنهي ملڪن جي خوشحالي جي لاءِ ڪشمير ??و مسئلو ڳالهه ٻولهه سان ??ل ڪرڻ جي اسان ڳالهه ڪئي، ڪشمير ۾ ظلم اڳ ۾ ئي هو، اتي پيلٽ گنز جو استعمال ٿي رهيو هو جڏهن ته موثر آواز نه اٿارڻ جي ڪري دنيا ان کان آگاهه نه هئي، 5 آگسٽ جو ڀارتي قدم تڪبر وارو هو، هو سمجهندو هو ته ڀارت وڏي مارڪيٽ آهي ان لاءِ دنيا خاموش ويهي رهندي، اولهه چين جي مقابلي ۾ ڀارت کي استعمال ڪرڻ چاهي ٿو، ڀارت جي اها سوچ به هئي ته 8 لک هٿياربند فوج جي ظلمن ڪشميري قيادت جي نظربندي ۽ نوجوانن کي گم ڪري ڪشمير ۾ دهشت پکڙجي ويندي ۽ هو آساني سان اتان جي ڊيموگرافي تبديل ڪري ڇڏيندو، آر ايس ايس جي ماڻهن کي هتي آباد ڪنداسين ته ڪشميري هٿ کڻي ڇڏيندا جڏهن ته ڀارت اسٽريٽجڪ غلطي ڪئي آهي.