اسلام آباد – 14 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان ۾ اسلامي بئنڪاري جي نظام جي فروغ جي لاءِ ??نجيده ڪوششون ٿي رهيون آهن، اسلام ڪنهن به شعبي ۾ استحصال جي اجازت ناهي ڏيندو، صرف منافعو ڪمائڻ ئي ترجيح نه هجڻ گهرجي، اليٽ ازم (خواص جي حڪمراني جي دستور تي اعتقاد) معاشرن کي اڏوهي وانگر کائي رهيو آهي، اسلام آباد اليٽ ازم جو تصور نه آهي، ڪووڊ 19 مالياتي منڊين لاءِ چئلنيج جي حيثيت رکي ٿو، اسلامڪ فن??نسنگ جو بنياد صرف ??يڻ وٺڻ تي نه پر صلح رحمي تي آهي، عورتن ۽ ڪمزور طبقن جي لاءِ ??ئنڪنگ ۽ فن??نسنگ جون س??ول??ون وڌائڻ جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار صدر 10 هين گلوبل اسلامڪ فن??نس ايوارڊ جي تقريب کي خاص مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪندي ڪيو، صدر چيو ته ان تقريب جو انعقاد خوش آئنده آهي ان جي ذريعي اسلامڪ فن??نسنگ جي شعبي ۾ نمايان خدمتون سرانجام ڏيندڙن جو اعتراف ڪيو آهي، هن چيو ته سڄي دنيا ۾ اسلامي بئنڪاري ۽ مالياتي نظام کي سگهه ملي رهي آهي، پاڪستان ۾ اسلامي بئنڪاري جي نظام جي فروغ لاءِ ??ه سنجيده ڪوششون ٿي رهيون آهن. پاڪستان ۾ 17 سيڪڙو بئنڪاري اسلامي قانونن موجب ٿي رهي آهي، اسلامڪ فن??نسنگ جو حصو گلوبل فن??نسنگ ۾ گهٽ آهي، هن چيو ته اسٽيٽ بئنڪ ۽ ٻيا ادارا اسلامي بئنڪاري کي ترقي ??يڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن، عوام ۾ به ان حوالي سان ڪافي آگاهي ڏٺي وڃي ٿي.