اسلام آباد – 29 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته مخالف ڌر ذاتي مفادن لاءِ ملڪ جي سيڪيورٽي کي داءُ تي لڳائي ڇڏيو آهي، معيشت جي استحڪام لاءِ امن ۽ سياسي استحڪام ضروري آهي، اسان چاهيون ٿا ته ادارا مضبوط هجن، ??نهن جا اڳواڻ پرڏيهه ۾ ويهي ملڪ جي خلاف ڳالهيون ڪري رهيا آهن ۽ دشمن جي زبان نه ڳالهائين، ??زاد بلوچستان جو نعرو اسان جي دشمنن جو ب??انيو آهي، مخالف ڌر کي اهڙو ب??انيو ??ه ڏيڻ گهرجي جنهن سان ملڪ ۾ افراتفري ۽ غير يقيني جي صورتحال پيدا ٿئي، ڪو??ونا وبا اڃان موجود آهي ختم ناهي ٿي، اسان کي وبا کان بچڻ لاءِ احتياطي تدبيرون اختيار ڪرڻ گهرجن، معيشت کي ترقي جي لاءِ سياسي استحڪام گهرجي. هن اهڙن خيالن جو اظهار سينيٽ ۾ مخالف ڌر ميمبرن پاران پشآور ۾ دهشتگردي جي واقعي جي حوالي سان اٿاريل نقطن جو جواب ڏيندي ڪيو، وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته پشاور ۾ دهشتگردي جي واقعي ۾ جيڪي شهادتون ٿيون آهن انهن تي ڏک جو اظهار ڪيو ??يو آهي ۽ پوري ملڪ ۾ مذمت ڪئي وئي آهي، وزيراعظم به ان حوالي سان پنهنجو ب??ان جاري ڪيو ۽ سڄي دنيا ۾ اسلاموفوبيا جي حوالي سان اسلامي ملڪن جي سربراهن کي خط به لکيو ??يو آهي، گستاخي رسول ﷺ کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نٿو ڪري سگهجي.