اسلام آباد – 25 – ڊسمبر (اي پي پي) سينيٽ جي چيئرمين محمد صادق سنجراڻي پاڪستان ۽ سڄي دنيا جي مسيحي برادري کي ڪرسمس ڏڻ جون دلي مبارڪون ڏيندي چيو آهي ته بين المذاهب هم آهنگي ۽ هڪٻئي جي عقيدن ۽ نظرين جي احترام جي ذريعي ئي امن ۽ ترقي جي عمل کي يقيني بڻ??ئي سگهجي ٿو، ملڪي ترقي ۽ خوشحالي ۽ سڄي دنيا ۾ امن جي فروغ لاءِ بين المذاهب هم آهنگي انته??ئي اڻٽر آهي ۽ دنيا جا سمورا مذهب امن، محبت، برداشت ۽ انسانيت جي احترام جو سبق ڏين ٿا. پائي??ار امن جي قيام لاءِ بين المذاهب مڪالمه ضروري آهي، هن چيو ته انفرادي ۽ اجتماعي فلاح ۽ ڀل??ئي لاءِ گڏجي ڪوششون ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن دنيا کي امن جو گهوارو بن??ئي سگهجي ۽ اهو ڏينهن ان لحاظ کان انته??ئي اهم آهي ته ان ڏينهن ان عظيم مسيحا جو ظهور ٿيو جنهن انسانيت کي امن، برداشت ۽ محبت جو درس ڏنو، سينيٽ چيئرمين چيو ته مسلمان جي حيثيت س??ن حضرت عيسيٰ عليه السلام الله تعاليٰ جي پيغمبر جي ??ور تي اسان جي لاءِ قابل قدر آهي ۽ حضرت عيسيٰ عليه السلام جو امن ۽ محبت جو پيغام ۽ تعليم اسان جي لاءِ ايتري ئي اهم آهي جيتري اسان جي عيس??ئي ڀائرن ۽ ڀينرن لاءِ اهميت رکندي آهي.