اسلام آباد – 16 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري ??فاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته بلاول ڀٽو پنهنجي نالائقي ۽ نااهلي جو ملبو ٻين تي نه وجهي، توهان ايترا اڻڄاڻ آهيو جو خبر ئي نه آهي ته توهان جي پنهنجي صوبي ۾ 2 هزار 25 ملين ڪيوبڪ فٽ گئس پيدا ٿئي ٿي، ان ۾ 1784 ملين ڪيوبڪ فٽ سنڌ استعمال ڪري ??ي جڏهن ته 200 ملين ڪيوبڪ فٽ پاور ۽ فرٽيلائيزر پلانٽس کي ڏني وڃي ٿي، رڳو 110 ملين ڪيوبڪ فٽ سنڌ کان ٻاهر وڃي ٿي. اطلاعات واري ??فاقي وزير سينيٽر شبلي فراز بلاول ڀٽو جي پريس ڪانفرنس ??ي پنهنجي ردعمل ۾ چيو ته غريبن ۽ مزدورن جي حقن جو راڳ آلاپيندڙن پينش??رز کي نه بخشيو. توهان جي وڏي وزير جي ماتحت ناڻي کاتي ۾ سوا 2 ارب جو فراڊ پينش??رز فنڊ ۾ سامهون آيو. جعلي پينش??رز ۽ جعلي اڪائونٽ ٺاهيا ويا.