اسلام آباد – 08 فيبروري (ا?? پي پي) ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي آءِ پ?? پيز سان مفاهمت جي ??اداشتن کي معاهدن ۾ تبديل ڪرڻ ۽ 46 آءِ پ?? پيز کي ادائيگين بابت عملدرآمد ڪميٽي جي رپورٽ جي ??نظوري ڏئي ڇڏي آهي، اي سي سي کنڊ جي ??يداوار ۽ وڪري جي عمل جي ??گراني لاءِ وڊيو ايناليٽڪس سسٽم (وي اي ايس) لڳائڻ جي سمري جي ??ڻ منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس ناڻي واري وز??ر جي صدارت ۾ ٿيو، اجلاس ۾ وفاقي وز??رن اسد عمر، عمر ايوب خان، وز??راعظم جو صلاحڪار ڊاڪٽر عشرت حس??ن، اوڳاڙين واري خاص معاون ڊاڪٽر وقار مسعود، پاور واري خاص معاون تابش گوهر، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر رضا باقر، ايف بي آر جي چيئرمين ۽ سيڙپڪاري بورڊ جي چيئرمين اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. توانائي واري وزارت جي سيڪريٽري رهتن جي ادائيگي لاءِ طريقيڪار جوڙڻ جي ڏس ۾ ڪميٽي کي عملدرآمد ڪميٽي جي آءِ پ?? پيز سان مفاهمت جي دستاويزن کي معاهدن ۾ تبديل ڪرڻ بابت تفصيلي رپورٽ تي بريفنگ ڏني. هن ٻڌايو ته عملدرآمد ڪميٽي رهتون ڪليئر ڪرڻ جي ڏس ۾ 30 نومبر 2020ع تائين 46 آءِ پ?? پيز کي ادائيگي جي طريقيڪار تي رضامندي ظاهر ڪئي آهي، اي سي سي عملدرآمد ڪميٽي ۽ لاڳاپيل ماڻهن ۽ وزارتون خاص طور توانائي واري وز??ر، منصوبابندي واري وز??ر، پاور واري خاص معاون، ناڻي واري وزارت، فيڊرل لينڊ ڪميشن جي چيئرمين، اوڳاڙين واري خاص معاون ۽ اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر پاران آءِ پ?? پيز کي رهتن جي ادائيگي لاءِ عمل جوڳو طريقيڪار جوڙڻ ۾ ڪردار ادا ڪرڻ تي ساراهيو. ان سان انهن پروجيڪٽ جي سراسري عمر تائين پاڪستان جي حڪومت کي 836 روپين جي بچت ٿيندي، اقتصادي ڪميٽي عملدرآمد ڪميٽي جي رپورٽ جي ??نظوري ڏني ۽ ان کي حتمي منظوري لاءِ ڪابينا آڏو پيش ڪرڻ جي ??دايت ڪئي.