ساهيوال – 29 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ساهيوال ۾ صحت، صاف پاڻي جي فراهمي ۽ ٻين ترقياتي منصوبن جي پيڙهه جو پٿر رکي ڇڏيو. ڪالهه جمعي ڏينهن وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ڊسٽرڪٽ هيدڪوارٽر اسپتال ساهيوال ۾ عالمي معي??ر جي ڪارڊيالاجي ۽ ڪارڊيڪ سرجري بلاڪ ج?? پيڙهه جو پٿر پڻ رکيو. نئين بلاڪ ج?? تعمير سان ساهيوال جي ماڻهن کي مقامي سطح تي عالمي معي??ر جي علاج جي سهولت ملي سگهندي. ان کانسواءِ وزيراعظم عمران خان سالڊ و??سٽ سيگريگيشن، ٽريٽمينٽ ڊسپوزل منصوبي جو افتتاح ڪيو. ان منصوبي تحت ڪچرو گڏ ڪرڻ کانپوءِ ان کي مختلف درجن ۾ ورهائي بهتر طريقي سان تلف ڪري سگهبو، ان سان گڏوگڏ هن ساهيوال ۾ سالڊ و??سٽ مئنيجمينٽ اڪيڊمي جو پڻ پيڙهه جو پٿر رکيو. ان کانسواءِ وزيراعظم پاڪپتن ۾ بابا فريدالدين گنج شڪر جي دربار ويجهو قائم ڪيل لنگرخاني ”سرائي قطب“ جو پڻ افتتاح ڪيو. هن ان موقعي تي ساهيوال ۾ پنجاب انٽرميڊيئٽ سٽيز امپروومينٽ انويسٽمينٽ پروگرام تحت صاف پاڻي، پاڻي جي نيڪالي ۽ ماحولياتي درستگي، پارڪس جي تعمير جي لا??ِ 18 ارب رپين جي ماليت جي منصوبن جو پڻ پيڙهه جو پٿر رکيو.