اسلام آباد – 28 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پنهنجو گهر اسڪيم سان ملڪ ۾ تعميراتي شعبي ۾ انقلاب ايندو، اهو منصوبو پاڪستان جي عوام کي پنهنجو گهر، روزگار جا موقعا، ملڪي دولت ۾ اضافي ۽ معيشت کي فروع ڏيندو، ملڪ جي مستقبل جي لاءِ هي اهم منصوبو آهي، اسٽيٽ ??ئن?? ۽ نيشنل ??ئن?? جا سربراهه عوا?? جون مشڪلاتون ختم ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻن. هو هائوسنگ ٽيلي ٿان کي ٽيليفونڪ خطاب ڪري رهيو هو. ان موقعي تي اسٽوڊيو ۾ سينيٽر شبلي فراز، نئون پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي جو چيئرمين، اسٽيٽ ??ئن?? جو گورنر رضا باقر، نيشنل ??ئن?? پاڪستا?? جو صدر موجود هئا. ماڻهن پاران ان موقعي تي سڌوسنئون ڪالز ڪري پنهنجي مسئلن کان آگاهه پڻ ڪيو ويو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ پ??ري??ن ڀيرو اهڙن ماڻهن کي موقعو ڏنو پيو وڃي جيڪي پنهنجو گهر خريد ڪرڻ جي صلاحيت نه ٿا رکن، انهن کي هي موقعو ڏنو پيو وڃي ته جيڪا رقم اهي گهرن جي ڪرايي جي مد ۾ ڏئي رهيا آهن اها ئي قسط ادا ڪن. يورپ آمريڪا ۾ اهڙي طرح ??ئن??ن کان قرض وٺي گهر خريد ڪيا وڃن ٿا جڏهن ته پاڪستان ۾ اهو رواج نه هو. اسان پ??ري??ن ڀيرو اهو شروع ڪيو آهي. هن اسٽيٽ ??ئن?? آف پاڪستان جي گورنر رضا باقر ۽ نيشنل ??ئن?? جي صدر کي هدايت ڪئي ته اهي قرض حاصل ڪرڻ ۾ مشڪلاتون ختم ڪن ۽ عوام جي لاءِ آسانيون پيدا ڪن. هن اسٽيٽ ??ئن?? جي گورنر کي تاڪيد ڪئي ته هو سمورين ??ئن??ن جي سربراهن کي ٻڌائي ته ??ئن?? ماڻهن جي لاءِ آسانيون پيدا ڪري.