اسلام آباد – 23 اپريل (اي پي پي) وزيرا??ظم عمران خان قوم کي اپيل ڪئي آهي ته ڪورونا وائرس کان بچاءُ جي احتياطي تدبيرن تي سختي سان عمل ڪريو ۽ ماسڪ ضرور پايو ٻي صورت ۾ سخت لاڪ ڊائون ڪرڻو پوندو، پاڪ فوج روڊن تي نڪري ايس او پيز تي عملدرآمد ڪرائڻ لاءِ پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي مدد ڪندي، ح??وم?? هاڻي سختي ڪندي، هو ڪورونا وائرس جي حوالي سان قومي رابطا ڪميٽي جي اجلاس کانپوءِ خيالن جو اظهار ڪري رهيو هو، وفاقي وزير اسد عمر، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير، قومي صحت وارو خاص مددگار ۽ قومي رابطا ڪميٽي ۾ شرڪت ڪندڙ به ان موقعي تي موجود هئا. وزيرا??ظم چيو ته ڪورونا وائرس جي ڪيسن ۾ تيزي سان اضافو ??ي رهيو آهي، آئون قوم کي اپيل ڪريان ٿو ته مهرباني ڪري ايس او پيز تي عمل ڪيو، وزيرا??ظم چيو ته اسان بار بار عوام کي چئي رهيا آهيون ته اهي ايس او پيز تي عمل ڪن، پر ماڻهو ڌيان نه ??ئي رهيا آهن، ماسڪ پائڻ سان اڌ مسئلو حل ٿي ويندو آهي، ايس او پيز تي عمل ڪرائڻ لاءِ اسان کي اهي قدم کڻڻا پوندا جيڪي ڀارت کڻي رهيو آهي، خدا نه ??ري جيڪڏهن ڀارت جهڙيون حالتون ٿي وڃن ته شهرن ۾ لاڪ ڊائون ڪرڻو پوندو. وزيرا??ظم چيو ته لاڪ ڊائون سان دڪاندار ۽ فيڪٽرين جي مالڪن سميت سڄي قوم متاثر ٿيندي آهي پر ڏهاڙيدار ۽ غير طبقو بلڪل پيڙهجي ويندو آهي، لاڪ ڊائون جا مشورا ڏنا پيا وڃن، پر اڃان اسان اهو نه ??ري رهيا آهيون، ڇاڪاڻ جو اسان کي معاشري جي ڪمزور طبقن جي مشڪلاتن جو احساس آهي، ڏهاڙيدار مزدور روزاني ڪمائيندو آهي تڏهن هو ۽ سندس ٻار کاڌي کائڻ جي قابل ٿيندا آهن، اسان کي مشڪلاتن جو احساس آهي پر جيڪڏهن ڪورونا وائرس سبب متاثر ڪيس وڌي ويا ته آخر اسان ڪيستائين لاڪ ڊائون کان بچي سگهنداسين. وزيرا??ظم چيو ته گذريل رمضان المبارڪ دوران عوام احتياط ڪيو جنهن جي ڪري صورتحال بهتر هئي، پاڪستان ۾ مسجدون بند ناهن ٿيون، عالمي سڳورن عوام ۾ ايس او پيز جي حوالي سان شعور اجاگر ڪيو.