اسلام آباد – 26 – مئي (اي پي پي) گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جي ڪري پن??اب کانپوءِ خيبرپختونخوا ۾ سڀ کان وڌيڪ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون. سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب 65 فوتگيون ٿيون جنهن مان 23 فوتگيون وينٽيليٽرز تي موجود مريضن جون ٿيون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري ڪ??ل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ 2 هزار 724 ماڻهن جا ڪورونا ٽيسٽ مثبت آيا. ملڪ جي چ??ن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪ??وڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان ملت??ن ۾ 69 سيڪڙو، لاهور ۾ 44 سيڪڙو، فيصل آباد ۾ 36 سيڪڙو ۽ بهاولپور ۾ 38 سيڪڙو مريض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چ??ن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪ??رونا جي مثبت ڪيسن جي تناسب جي لحاظ کان پشاور ۾ 38 سيڪڙو، صوابي ۾ 44 سيڪڙو، گجرانوالا ۾ 45 سيڪڙو، ملت??ن ۾ 57 سيڪڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 59 هزار 76 ٽيسٽ ڪيا و??ا جن مان سنڌ ۾ 18 هزار 132، پن??اب ۾ 25 هزار 245، خيبرپختونخواهه ۾ 7 هزار 859، اسلام آباد ۾ 4 هزار 961، بلوچست??ن ۾ هڪ هزار 410، گلگت بلتست??ن ۾ 459، آزاد ڪشمير ۾ 1010 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 8 لک 27 هزار 843 ٿي چڪو آهي. گگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ بلوچست??ن ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي. جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل وينٽيليٽرز تي ڪ??ويڊ 19 جا 517 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 60 هزار 268 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس کان متاثر ماڻهن جو انگ 9 لک 8 هزار 576 آهي.