زيارت – پهرين جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته قوم کي خوشخبري ڏيون ٿا ته ملڪ مشڪل وقت مان نڪري رهيو آهي، ماضي جي حڪ??متن بلوچستان کي نظرانداز ڪيو، اسان اتحادي حڪ??مت هجڻ جي باوجود بلوچستان کي نمايان فنڊز ڏنا، 700 ارب رپين جو پئڪيج ڏنو جڏهن ته هاڻي رستن جو پئڪيج ڏئي رهيا آهيون، زيارت ۾ ايل اين جي پلانٽ جي لاءِ ايندر مالي سال ۾ ڀرپور ڪوشش ڪ??داسين، زيارت سياحت جو مرڪز بڻجي سگهي ٿو، خيبرپختونخواهه ۾ اسان جي حڪ??مت سياحت کي فروغ ڏنو جنهن سان روزگار ۽ ڪاروبار وڌيو. هو قائداعظم ريزيڊنسي زيارت ۾ تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو.