اسلام آباد – 24 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان متحده قومي موومينٽ جي ??ارليامينٽ جي ??يمبرن ملا??ات ڪئي. وزيراع??م آفيس جي ??يڊيا ونگ مان جاري بيان موجب ملا??ات ڪندڙن ۾ خالد مقبول صديقي ۽ سينيٽر فيصل سبزواري شامل هئا جڏهن ته وفاقي وزير اسد عمر به موجود هو. ان موقعي تي وزيراعظم کي ڪراچي ۾ جاري ترقياتي منصوبن تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو ويو، وزيراعظم ان موقعي تي وفاق جي ڪراچي ۾ جاري ترقياتي منصوبن جي جلد تڪميل ۽ نئين اعلان ٿيل منصوبن کي جلد شروع ڪرڻ کي حڪومت جي اولين ترجيحن مان هڪ قرار ڏيندي ان ڳالهه تي زور ڏنو ته موجوده حڪومت ڪراچي جي ??اڻهن جي ??سئلن جي حل لاءِ قدم کڻي رهي آهي.