اسلام آباد – 05 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته گهٽ قيمت هائوسنگ منصوبا حڪ??مت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهن، حڪ??مت قرضن جي فراهمي ۾ وڌيڪ آساني پيدا ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار نئون پاڪستان هائوسنگ اٿا??ٽي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) انور علي حيدر سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. هن اٿا??ٽي تحت گهٽ قيمت هائوسنگ جي جاري منصوبن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته ڪامياب پاڪستان تحت بئنڪن کان قرض وٺڻ ۾ وڌيڪ آساني ٿيندي. وزيراعظم انهن جاري منصوبن کي مقرر مدي ۾ مڪ??ل ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي.