اسلام آباد – 22 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ڪورونا وبا دوران آن لائن فاصلا??ي تعليم جي اهميت تمام گهڻي وڌي وئي آهي، هائير ايجوڪيشن ڪميشن جديد دور جي بدلجندڙ ضرورتن ۽ عالمي معيار موجب فاصلا??ي تعليمي پاليسي وڌيڪ بهتر بڻائيندي. فاصلا??ي تعليم جي پروگرام کي مرڪزي تعليمي نظام جو حصو بڻائڻ جي ضرورت آهي.
ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار هائير ايجوڪيشن ڪميشن پاران آن لائن فاصلا??ي تعليمي پاليسي تي بريفنگ دوران ڪيو. هن چيو ته آن لائن فاصلاتي ڪورسز جو مواد مارڪيٽ جي ضرورتن مو??ب جوڙڻ گهرج??. م??ڪ جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ اعليٰ تعليمي ادارن ۾ شاگردن جو تعداد وڌائڻ جي ضرورت آهي، ڊاڪٽر عارف علوي ورچوئل يونيورسٽي جي آن لائن ۽ فاصلا??ي تعليم جي پروگرامن جي واکاڻ ڪندي چيو ته تعليم پرائيندڙ شاگردن جي تعداد ۾ اضافي لاءِ ورچوئل يونيورسٽي جهڙن ادارن جون ڪوششون تيز ڪرڻ جي ضرورت آهي،
صدر ??ي ايڇ اي سي پاران بريفنگ ۾ آگاهه ڪيو ويو ته آن لائن فاصلا??ي تعليمي پاليسي جو بنيادي مقصد قاعدن، هدايتن ۽ گهٽ کان گهٽ معيار جو تعين ڪرڻ آهي جڏهن ته آن لائين فاصلا??ي تعليمي پاليسي تحت يونيورسٽين کي آن لائين ۽ فاصلا??ي تعليم جي اجازت ڏني ويندي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته پاليسي جو مقصد تعليم جو معيار برقرار رکڻ لاءِ هڪجهڙي امتحاني نظام قائم ڪرڻ آهي، پاليسي پبلڪ ۽ پرائيويٽ ي??نيورسٽين جي فاصلا??ي تعليم ۽ اي لرننگ جي ماهرن سان مشاورت کانپوءِ ٺاهي وئي آهي.