اسلام آباد – 17 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خا?? ريگوليٽري اٿارٽين جي موثر ڪردار ??ي زور ڏيندي هدايت ڪئي آهي ته مافي??ز جي ڳٺ جوڙ تي نظر رکي، لاڳاپيل شعبن ۾ خدمتن ۽ معيار کي بهتر بڻايو وڃي. وزيراعظم ميڊيا ??فيس مان جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خا?? ريگوليٽري اٿارٽين جي سربراهن جي اجلاس جي صدارت ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته عوام جي حقن جي تحفظ لاءِ ريگوليٽرز جو اهم ڪردار آهي. ريگوليٽرز موثر مانيٽرنگ، قانوني ۽ ريگوليٽري ضرورتن کي نظر ۾ رکندي عوامي مفادن جو تحفظ يقيني بڻائين. وزيراعظم مافي??ز جي ڳٺ جوڙ تي نظر رکڻ لاءِ ريگوليٽري اٿارٽين جي موثر ڪردا?? جي ضرورت ??ي زور ڏنو. هن سمور?? ريگوليٽرز کي هدايت ڪئي ته هو پنهنجي لاڳاپيل شعبي ۾ شفافيت ۽ معياري خدمتن کي يقيني بڻائين. ريگوليٽري اٿارٽين جي سربراهن وزيراعظم کي خاطري ڪرائي ته هو پنهنجي لاڳاپيل اٿارٽين جي صلاحيت ۾ اضافو ڪن ته جيئن شهرين کي بهتر خدمتن جي فراهمي يقيني بڻائي سگهجي.