پشاور – 02 جنوري (اي پي پي) ضلعي ڪرڪ جي علائقي ٽيري ۾ ??ند??ئن جي مقدس جڳهه شري پرم هنس مهاراج جي سماڌ?? تي پنهنجي مذهبي رسمن جي ادائيگي جي لاءِ سوين ??ند?? ياترين جي آمد ٿي. مذهبي رسمن جي ادائيگي جي لاءِ ايندڙ 215 ياترين مان 173 غيرملڪي ماڻهو جن ۾ پاڙيسري ملڪ ڀارت جا 159 شهري، باقي غيرملڪي ۽ پاڪستان جي ٻين علائقن سان تعلق رکندڙ ??ند?? شامل هئا. ??ند?? برادري جو قافلو پنهنجي مذهبي رسمن جي ادائيگي لاءِ واهگه بارڊر تان پاڪستان ۽ اتان هوائي سفر ذريعي پشاور پهتو هو. جيڪو بعد ۾ اتان روانو ٿي سخت سيڪيورٽي ۾ ضلعي ڪرڪ جي ٽيري سماڌي پهتو جتي ??ند?? برادري جي مذهبي رسمن جي موقع?? تي ڪرڪ پوليس پاران سيڪيورٽي جا فول پروف انتظام ڪيا ويا. ڊي پي او ڪرڪ شفيع الله خان گنڊاپور سيڪيورٽي صورتحال جو پاڻ جائزو وٺي رهيو هو جڏهن ته ٽيري سماڌ?? تي ايس پي انويسٽيگيشن ظاهر شاهه خان سموري صورتحال جي نگراني ڪري رهيو هو. ڀارت مان آيل ??ند??ئن سميت غيرملڪي ياترين سيڪيورٽي انتظامن تي اطمينان جو ??ظهار ڪيو ۽ پاڪستان حڪومت جا ٿورا مڃيندي سيڪيورٽي انتظامن کي خوش آئنده قر??ر ڏنو. ان موقع?? تي ??ند?? ياترين پوليس جي سيڪيورٽي انتظامن کي ڏسندي انتهائي خوشي جو ??ظهار ڪندي چيو ته اسان کي ايترو پروٽوڪول ڏنو ويو آهي جنهن تي پاڪستان حڪومت ۽ ڪرڪ پوليس جا سچي دل سان ٿورائتا آهيون جڏهن ته ان موقع?? تي ??ند?? ڪائونسل پاڪستان جي ايم اين اي رميش ڪمار پوليس جي سيڪيورٽي انتظامن کي ساراهيندي چيو ته ڪرڪ پوليس پنهنجي پوري ذميواري ۽ ايمانداري سان ڊيوٽي ادا ڪئي آهي. جنهن سان اسان سڀني کي انتهائي خوشي محسوس ٿي آهي، جن اسان جي مذهبي رسمن جي ادائيگي دوران پرامن ماحول فراهم ڪيو. هن چيو ته ٽيري سماڌ?? تي ياترين جي اچڻ سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دوستي ۽ اعتماد جو هڪ نئون باب کلڻ وارو آهي. جيڪو ٻنهي پاڙيسري ملڪن جي لاءِ خوش آئنده آهي.