??سل??م آباد – 21 جنوري (اي پي پي) گهرو وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته لاهور ۾ بم ڌماڪي، ??سل??م آباد ۾ پوليس اهلڪارن جي شهات وارن واقعن جي ذميداري ٽي ٽي پي قبول ڪئي آهي، ٽي ٽي پي سان ڳالهيون هلي رهيون آهن، اهي حملا خاص مقصد جي لاءِ ڪيا پيا وڃن، پاڪ اف??ان سرحد تي 2680 ڪلوميٽر تار مڪمل ٿي چڪي آهي، مولانا کي ??سل??م آباد اچڻ تي خوش آمديد چونداسين، سينيٽ جي اجلاس ۾ خيالن جو اظهار ڪندي گهرو وزير چيو ته لاهور ۾ بم ڌماڪو ٿيو آهي اهڙي طرح ??سل??م آباد ۾ 18 تاريخ تي هڪ پوليس اهلڪار شهيد ۽ ده??تگرد ماريا ويا، ٽي ٽي پي ان واقعي جي ذميداري قبول ڪئي، ان کان پهرين به ??سل??م آباد ۾ پوليس اهلڪارن تي حملا ڪيا ويا، ٽي ٽي پي سان ڳالهيون هلي رهيون آهن، اهي حملا خاص مقصد جي لاءِ ڪيا پيا وڃن، گهرو وزير چيو ته پاڪ اف??ان سرحد تي 2680 ڪلوميٽر خاردار تار مڪمل ٿي چڪي آهي، بلو??ست??ن ايران سرحد تي 200 ڪلوميٽر خاردار تار لڳائڻ باقي آهي، هن چيو ته مولانا کي ??سل??م آباد اچڻ تي خوش آمديد چونداسين، هن چيو ته لاهور ڌماڪي کانپوءِ اسپتال ايندڙن سان بدتميزي ۾ ڪو پوليس اهلڪار ملوث هوندو ته ان جي خلاف ڪارروائي ٿيندي.