بيجنگ – 04 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيني ڪارپوريٽ اڳواڻن کي ??يڙ??ڪاري لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ جي حڪومتي قدمن کان آگاهه ڪندي سي پيڪ خصوصي اقتصادي زونز ۾ ??يڙ??ڪاري لاءِ ڪاروبار دوست پاليسين مان فائدو کڻڻ جي ترغيب ڏني آهي. وزيراعظم ميڊيا آفيس مان جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان بيجنگ ۾ چين جي مشهور سرڪاري ۽ نجي ڪمپنين جي اڳواڻن سان ملاقات ڪئي. ملاقات ڪندڙن ۾ چائنه ڪميونيڪيشن ڪنسٽرڪشن ڪمپني، هائوزانگ ٽيڪنالاجي، ??ي جيانگ سي پورٽ گروپ، چيلينج فيشنز، هونان سن واڪ گروپ، رائل گروپ، چائنا روڊ اينڊ برج ڪارپوريشن، زنگ بانگ گروپ ۽ چائنا مشينري انجنيئرنگ ڪارپوريشن جا اعليٰ عملدار شامل هئا. ڪارپوريٽ اڳواڻن وزيراعطم کي پاڪستان ۾ پنهنجي جاري منصوبن تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو، هن ڌاتن ۽ ڪاغذن جي ري سائيڪلنگ، توانائي، ٽيڪسٽائ??ل، فائبر آپٽڪس نيٽ ورڪس، هائوسنگ، ڊيري ۽ واٽر مينيجمينٽ بابت منصوبن ۾ پاڪستان ۾ ??يڙ??ڪاري وڌائڻ ۾ گهري دلچسپي ظاهر ڪئي، چائنه ڪميونيڪيشن ڪنسٽرڪشن ڪمپني تعميراتي ۽ بنيادي ڍانچي جي ترقي لاءِ ڪم ڪري ٿي، هائوزانگ ٽيڪنالاجي جامع ڪاغذ سازي جي سامان ۾ مهارت رکي ٿي، ??ي جيانگ سي پورٽ گروپ چين جي سڀ کان وڏي پورٽ آپريٽرز مان هڪ آهي، چيلينج فيشنز هڪ مشهور ٽيڪسٽائيل ڪمپني آهي، هونان سن واڪ گروپ جو بنيادي ڪاروبار مواصلات، ٿري ڊي پرنٽنگ ۽ تعميرات آهي، ??ائل گروپ چين جو سڀ کان وڏو ڳئون جو ک??ر پيدا ڪندڙ سڀ کان وڏو گروپ آهي، چائنا روڊ اينڊ برج ڪارپوريشن سول انجنيئرنگ ۽ تعميراتي مصنوبن تي ڪم ڪندو آهي، ??نگ بانگ گروپ صوبه جيان زي جو وڏو زرعي انٽر پرائيز آهي ۽ چائنا مشينري انجنيئرنگ ڪارپوريشن چين جي وڏي زرعي صنعتي مشينري ڪمپنين مان هڪ آهي، ??ن موقعي تي وزيراعظم عمران خان چيني ڪمپنين جي پاڪستان ۾ ??يڙ??ڪاري ۾ گهري دلچسپي کي ساراهيو. هن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گهري اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن کي اجاگر ڪندي چيني ڪارپوريشن اڳواڻن کي پاڪستان ۾ چيني ??يڙ??ڪاري لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ جي حوالي سان کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو ۽ کين سي پيڪ خصوصي اقتصادي زونز ۾ ??يڙ??ڪاري لاءِ ڪاروبار دوست پاليسين مان فائدو کڻڻ جي ترغيب ڏني، ??ن موقعي تي وزيراعظم سان گڏ وفاقي وزير، صلاحڪار ۽ اعليٰ عملدار به هئا.