اسلام آباد – 18 فيبروري (اي پ?? پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ڪراچي ۾ سينيئر صحافي اطهر متين جي قتل تي افسوس جو اظهار ڪندي متاثر خاندان سان دلي تعزيت ڪئي آهي. اطلاعات واري وزير پنهنجي بيان ۾ چيو ??ه پيپلزپارٽي جي حڪومت ڪراچي ۾ لاء اينڊ آرڊر ڪنٽرول ڪرڻ ۾ بري طرح ناڪام رهي. اندرون سنڌ ۾ به صحافين تي هر ٻئي ڏينهن حملا ??ي رهيا آهن. هن چيو ??ه تحريڪ انصاف جي حڪومت قلم ۽ مائيڪ جي تحفظ جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي. ڪراچي کي سيف سٽي بڻائڻ جي لاءِ ٽيڪنالاجي جو استعمال لازمي آهي. هن چيو ??ه متاثر خاندان جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. الله تعاليٰ اطهر متين کي جنت ۾ جڳهه عطا فرمائي.