اسلام آباد – 19 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اسان کي فڪر آهي ته افغانستان ۾ انساني بحران کي ڪيئن ختم ڪيو وڃي، آسٽريا چانسلر ڪارل ني همر کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني آهي ۽ ان جي دوري جا منتظر آهيون. آسٽريا جي چانسلر پاران وزيراعظم عمران خا?? سان افغانستان جي صورتحال تي خيالن جي ڏي ??ٺ ۽ سٺي ڳالهه ٻولهه جي حوالي سان ڪيل ٽوئيٽ جي جواب ۾ پنهن??ي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته مون آسٽريا جي چانسلر کي پاڪستان گهرايو آهي ۽ سندس دوري تي سندس شاندار آجيان جو انتظار آهي. هن چيو ته سڀ کان اڳ اسان کي اهو فڪر آهي ته افغانستان ۾ انساني بحران کي ڪيئن ختم ڪيو وڃي. وزيراعظم چيو ته اسان اترين علائقن جي سياحت جي ترقي جي لاءِ گڏيل تعاون ۽ پاڪ – آسٽريا فاخو??ول?? (آءِ اي ايس ٽي) جي طرز تي ٽيڪنالاجي جي حص??دا??ي کي اڳتي وڌائڻ جا خواهشمند آهيون.