اسلام آباد – 04 – مارچ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد ص??دق سنجراڻي ۽ ڊپٽي ??يئرمين سينيٽر مرزا محمد آفريدي پشاور قصه خواني جي جامعه مسجد ۾ ڌماڪي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ پاران جاري بيان موجب سينيٽ چيئرمين چيو ته ملڪ دشمن عنصر پنهنجي ڪڌن مقصدن ۾ ڪامياب نه ٿا ٿي سگهن، پوري قوم دهشتگردي جي خلاف گڏ آهي، دهشتگرد امن امان جي صورتحال کي خراب ڪرڻ چاهين ٿا جنهن ۾ اهي ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندا. سينيٽ چيئرمين چيو ته پاڪستان جي ترقي کان ملڪ دشمن ڊنل آهن، دهشتگردي جا واقعا اسان جا حوصلا ڪمزور نه ٿا ڪري سگهن. هن ڌماڪي جي نتيجي ۾ شهيد ٿيندڙن جي پونئيرن سان همدردي جو اظهار ڪ??دي الله تعاليٰ کان شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ زخم??ن جي جلد ص??تيابي جي دعا ڪئي. محمد ص??دق سنجراڻي زخمين کي هر ممڪن طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ لاڳاپيل ادارن کي هدايت جاري ڪئي. سينيٽ جي دپٽي ??يئرمين سينيٽر مرزا محمد آفريدي، سينيٽ ۾ قائد ايوان سينيٽر ڊاڪٽر شهزاد وسيم ۽ سينيٽ ۾ مخالف ڌر اڳواڻ سينيٽر سيد يوسف رضا گيلاني پڻ پشاور قصه خواني جي جامعه مسجد ۾ ڌماڪي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ پونئيرن سان همدردي جو اظهار ڪ??و.