اسلام آباد – 24 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف سيالڪوٽ ۾ ب??هه لڳڻ سبب ڪڻ?? جي تيار فصل جي تباهي کان متاثر آبادگارن جي مالي امداد جو حڪم ڏئي ڇڏيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم پنجاب حڪومت کي حڪم ڏنو ته جن آبادگارن جي فصل سڙي وئي آهي، انهن کي فوري امدادي چيڪ ڏنا وڃن، وزيراعظم 90 هزار ڪلوگرام ڪڻڪ سڙي راک ٿيڻ تي آبادگارن جي فوري مالي مدد جو حڪم ڏنو. هن هدايت ڪئي ته رمضان المبارڪ آهي، مشڪل وقت ۾ آبادگارن جي ڀرپور مدد ڪئي وڃي. واضح رهي ته بيلا پل باجوان، ??جوت سيڪٽر ۾ 23 اپريل 2022ع تي ڪڻ?? جي تيار فصل کي ب??هه لڳي وئي هئي، ب??هه سان 77 ايڪڙ زمين متاثر ٿي هئي، 76 ايڪڙ ۾ ڪڻ?? جي فصل لاٻاري جي لاءِ تيار حالت ۾ هئي، سرڪاري رپورٽ موجب 15 آبادگارن جي تيار ڪڻڪ سڙي وئي هئي، جاچ ۾ ٻڌايو ويو هو ته ڪٽائي مشين ۾ فني خرابي سبب ب??هه لڳي، مشين جي ويجهو ئي ذخيرو ڪيل 80 ليٽر ڊيزل کي ب??هه پڪڙڻ سان حادثي جو دائرو پ??ڙج?? ويو هو، فاصلو وڌيڪ هجڻ جي ڪري فائربرگيڊ کي پهچڻ ۾ وقت لڳو. فائربرگيڊ 32 ڪلوميٽر جو فاصلو 25 منٽن ۾ طئي ڪيو. فائربرگيد جي ڪوششن سان ب??هه کي 135 ايڪڙ ۾ پکڙجڻ کان روڪيو ويو.