لاهور – 22 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان ڪڊني اينڊ ليور انسٽيٽيوٽ لاهور جو دورو ڪيو، وزيراعظم شهباز شريف کي پاڪستان ڪڊني اينڊ ليور انسٽيٽيوٽ جي مالي ۽ انتظامي معاملن تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. بريفنگ ۾ وزيراعظم کي گذريل دوري ??وران جاري ڪيل هدا??تن جي روشني ۾ پي ڪي ايل آ??ي جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي نئين سر جوڙجڪ، نرسنگ انسٽيٽيوٽ جو قيام، 50 سيڪڙو مستحق مريضن جو مفت علاج، مفت علاج سڀني جي لاءِ ۽ پي ڪي ايل آ??ي ٽرسٽ جي قيام تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم هدايت ڪئي ته پي ڪي ايل آ??ي جي شعبن کي مرحليوار فعال ڪيو وڃي، گذريل ٽن سالن ۾ جيڪي منصوبا تعطل جو شڪار رهيا انهن کي هنگامي بنيادن تي مڪمل ڪيو وڃي. وزيراعظم پنجاب جي چيف سيڪريٽري ۽ پنجاب جي ناڻي واري ??يڪريٽري کي هدايت ڪئي ته پي ڪي ايل آ??ي کي فنڊز جي فراهمي 10 جولاءِ تائين يقيني بڻائي وڃي. هن هدايت ڪئي ته نرسنگ انسٽيٽيوٽ قائم ڪرڻ جي لاءِ سمورا قدم ايندڙ مهيني تائين مڪمل ڪيا وڃن. وزيراعظم چيو ته بورڊ آف ڊائريڪٽرز ۾ قابل ۽ اهل پرائيويٽ ميمبرن کي شامل ڪيو وڃي ته جيئن پي ڪي ايل آ??ي جي معاملن کي بهتر طريقي سان سرانجام ڏئي سگهجي. وزيراعظم نئين چونڊيل پي ڪي ايل آ??ي بورڊ جي چيئرمين ڊاڪٽر سعيد اختر کي مبارڪباد ڏني ۽ هدايت ڪئي ته پي ڪي ايل آ??ي جي مالي معاملن کي مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ سٺي شهرت رکندڙ مشاورتي اداري ??ون خدمتون حاصل ڪيون وڃن. مريضن جي اسڪريننگ سينٽرز کي پوري پنجاب ۾ فعال ڪيو وڃي ته جيئن عوام کي طبي سهولتون انهن جي درن تي فراهم ڪري ??گهجن. ان موقعي تي پي ڪي ايل آ??ي جي چيئرمين ان عزم جو اظهار ڪيو ته مصر وانگر پاڪستان به جلد هيپاٽائيٽس ??ي جهڙي موذي بيمارين کان ڇوٽڪارو حاصل ڪري وٺندو. ناڻي واري ??يڪريٽري وزيراعظم کي خاطري ڪرائي ته پي ڪي ايل آ??ي جي لاءِ مخصوص فنڊز 10 جولاءِ تائين جاري ڪيا ويندا.