اسلام آباد – 01 – آگسٽ (اي پي پي) ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير شاخ جو اجلاس اسلام آباد ۾ ڪنوينر محمود اح??د ساغر جي صدارت ۾ ٿيو جنهن ۾ پونڇ ۽ ڊوڊا جي شهيدن کي زبردست خراج عقيدت پيش ڪيو ويو. ڪشمير ميديا سروس موجب ڀارتي فوجين 2 آگسٽ 1998ع تي پونڇ جي علائقي سيالان ۾ هڪ ئي خا??دان جي 19 ماڻهن کي رات جي اونداهي ۾ گوليون هڻي شهيد ڪيو ويو هو. ڀارتي فوج جي 9 راشٽريا رائفلز ۽ ڳجهي ايجنسي ”را“ جي اهلڪارن گڏجي هڪ ئي خا??دان جي 19 بيگناهه ماڻهن کي قتل ڪيو جن کي اڄ تائين انصاف نه مليو. ان خا??دان جو ڏوهه اهو هو ته انهن جو پٽ هڪ حريت پسند هو. انهي هفتي 25 ج??لا??ِ تي ڊوڊا ضلعي جي علائقي ڪوٽال ۾ هڪ ئي خا??دان جي 5 ماڻهن کي اڳ ۾ تشدد جو نشانو بڻايو ويو ۽ بعد ۾ گوليون هڻي شهيد ڪيو ويو هو جن ۾ ٽي عورتون هڪ مرد ۽ هڪ ٻار شامل هو.