اوڪاڙه – 05 – آگسٽ (اي پي پي) ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي حوالي س??ن ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار جون تقريبون ۽ ريليون منعقد ڪيو ويون. والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي گهيراءُ کي ٽي سال مڪمل ٿيڻ تي ڪ??ميرين سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ اوڪاڙه بلديه هال ۾ ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي تقريب ۽ ريلي منعقد ڪئي وئي. ڪشميرين سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي مودي سرڪار جي ظلم ۽ ڏاڍ تي شرڪت ڪندڙن نعريبازي ڪ??ي. ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر حسنين خالد سنپال، اسسٽنٽن ڪمشنر ملڪ راشد نعمت، ايڊمن آفيسر ايجوڪيشن غلام دستگير، انچ??رج نادرا احمد ??صير، هيلٿ، سول ڊفينس، شاگردن، وڪيلن، ميڊيا نمائندن، سول سوسائٽي، سرڪاري آفيسرن، سياسي ۽ سماجي شخصيتن ريلي ۾ شرڪت ڪئي.