اسلام آباد -29 سيپٽمبر (اي پي پي) ايشيائي ترقياتي بئنڪ پا??ستان ۾ ٻوڏ سبب متاثر علائقن ۾ امداد ۽ پائيدار بنيادي ڍانچي جي تعمير جي سرگرمين ۾ مدد لاءِ 2 ارب ڊالرن کان ??ڌيڪ مدد جي منظوري ڏيندو، اها ڳالهه ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي ڊائ??يڪ??ر جنرل يو جين زو ڪوف منيلا ۾ ورچوئل پريس ڪانفرنس ۾ ٻڌائي، هن پا??ستان ۾ هاڻوڪي ٻوڏ ۽ برساتن سبب ٿيل جاني ۽ مالي نقصانن تي ه??دردي ۽ ڏک جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته بئنڪ اڳ ئي خوراڪ جي فراهمي ۽ خيمن جي فوري خريداري لاءِ 30 لک ڊالرن جي گرانٽ فراهم ڪري ڇڏي آهي، هن چيو ته انتهائي ضروري فوري امداد، متاثر علائقن جي بحالي ۽ نئين سر تعمير لاءِ 500 کان 700 ملين ڊالرن تائين جو پيڪيج ڏنو پيو وڃي، جنهن جي منظوري ه??ندڙ سال جي آخر ۾ ڏني ويندي، هن چيو ته ايشيائي ترقياتي بئنڪ پا??ستان ۾ معاشي طور ڪمزور طبقن تي خوراڪ جي وڌندڙ قيمتن ۽ ٻين ٻاهرين جٽهڪن جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ لاءِ وڌيڪ 1.5 ارب ڊالر جي ڪائونٽر سائيڪليڪل سپورٽ تي ڪارروائي ڪري رهيو آهي، پا??ستان ۾ ٻوڏ کانپوءِ امداد ۽ قدمن جي حوالي سان ??ڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اسان ??قامي حڪومت ۽ ٻين عالمي ترقياتي شراڪتدارن جي ويجهي تعاون سان ڪم ڪري رهيا آهيون ته جيئن نقصانن جي ضرورتن جي ڪاٿي کي حتمي شڪل ڏئي س??هج?? جيڪو امڪاني طور تي ايندڙ مهيني جي وچ ڌاري مڪمل ٿي ويندو، هن چيو ته موسمياتي تبديلي سبب قدرتي آفتن جي شدت ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، پا??ستان ۾ هاڻوڪي ٻوڏ موسمياتي تبديلي جو نتيجو آهي، هن ٻوڏ سبب 33 ملين ماڻهو متاثر ٿيا آهن جن مان 6 لک جي لڳ ڀڳ امدادي ڪيمپن ۾ آهن، ٻوڏ سبب 1.7 ملين گهرن کي نقصان ??هتو آهي.