اسلام آباد– 03 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اڄ سومر ڏينهن اسلام آباد ۾ ٻوڏ متاثرين جي امداد جي لاءِ ريئل ٽائيم ما??يٽ??نگ جي لاءِ ڊيش بورڊ جو افتتاح ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جا??ي بيان موجب ڊيش بورڊ جي ذريعي ٻوڏ متاثرين کي ملندڙ مقامي ۽ عالمي امداد ۽ ان جي ورڇ جي معلومات تائين دنيا جي ڪنهن به حصي مان پهچ ممڪن ٿيندي. ان کانسواءِ ٻوڏ متاثرين جي امداد ۾ معاونت جي لاءِ ويب سائيٽ، هڪ ٺوس فلڊ ريليف مئنيجمينٽ سسٽم، ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ امدادي ڪاررواين ۾ مصروف فيلڊ ورڪرز جي لاءِ ڊيجيٽل ايپليڪيشنز ۽ پاليسي ۽ فيصلاسازي جي لاءِ ايگزيڪيوٽو ڊيش بورڊ پڻ ان فلڊ ريسپانس نظام جو حصو آه??. و??يراعظم ان موقعي تي خطاب پڻ ڪندو.